حاڪم چانڊيو 1 آگسٽ 1973 تي ڳوٺ ڪريمداد چانڊيو، ويجهو سيتاروڊ، تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. سندن جي تعليم ايم اي سنڌي ادب آھي. پاڻ صحافي ۽ قلمڪار آھن.،پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪيل آهي، جڏهن ته سندس صحافت سان تعلق هجڻ ڪري گذريل 30 ورهين کان سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ ٽي وي چينلز جي رپورٽنگ ڪرڻ سان گڏ مختلف صحافتي ادارن ۾ نيوز ايڊيٽر، سب ايڊيٽر ۽ ڪميوٽر آپريٽر طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي، سندس رهائش درسگاهن واري واري ڄامشورو شهر ۾ آهي، پاڻ تحقيق ڪندڙ صحافت، پروفائيل ليکڪ آهي پاڻ ڪيترين ئي شخصيتن ۽ ادارن جا پروفائيل لکي چڪو آهي، جڏهن ته مختلف ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيل اٿس، پاڻ هيڪ جي رجسٽرڊ ۽ شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي مان شايع ٿيندڙ رسالي ڪلاچي جنرل ۾ پڻ تحقيقي مضمون شايع ٿيل اٿس، ان کان علاوه سندس هڪ ناول شايع ٿيل آهي، پاڻ ڪيترن ڪتابن لکڻ وارو ڪم پڻ ڪري رهيو آهي، سندس ٻه ڪتاب ڇپائي جي مرحلي م آهن.