حافظ عبدالله "بسمل"

حافظ عبدالله ”بسمل“(انگريزي: Hafiz Abdullah Bismal) وڏو عالم، فاضل، اديب، شاعر ۽ سخن شناس ماڻھو ھو. سندس تعلق ٽکڙ جھڙي مردم خيز ۽ علمي مرڪز سان آھي. مولانا گرامي لکي ٿو تہ سندس علمي زندگي اگرچ ھڪ علمي درسگاھ مان ٿي، پر اڳتي ھلي ھي سنڌ جو بھترين شاعر ۽ اديب ليکجڻ ۾ آيو. سندس ڪلام جو ڪو خاص مجموعو نہ ڇپجي سگھيو آھي. سندس سارو ڪلام سنڌ جي اخبارن ۽ ۽ رسالن ۾ محفوظ آھي، فقط مثنوي محمدي ڇپيل آھي. سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان بسمل صاحب جي ”ڪلام“جي اشاعت جو انتظام ٿي چڪو آھي..[1]

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995صہ 33 }