حاصل النھج
ھن مضمون کي ٻين وڪي مضمونن سان ڳنڍيو، اگر ڪو اھڙو لفظ ملي ٿو جنھن تي اڳ ئي مضمون لکيل آھي تہ براءِ مھرباني ان لفظ کي موجود مضمون سان ڳنڍيو. (جُولاءِ 2024) |
حاصل النھج(انگريزي: Hasil Al Nahaj ) مخدوم جعفر بوبڪائي جو لکيل ڪتاب آھي. مخدوم جعفر پنهنجي مٿئين مذڪور عربي ڪتاب”نهج التعلم“ جو سن 976ھ/1568ع ۾ ”حاصل النهج“ جي نالي سان فارسي زبان ۾، اُستادن جي رهنمائيءَ لاءِ خلاصو تيار ڪيو[1][2]. هن ڪتاب ۾ علم، معلم ۽ تعليم جي فلسفي تي نهايت ئي عالمانه ۽ ماهرانه انداز ۾ بحث ڪيو ويو آهي[2]. هن موجوده سائنسي دؤر ۾ تعليم جي سلسلي ۾، هيءُ ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو[2]. هن ڪتاب جو فارسي متن، انگريزي خــُـلاصي ۽ مقدمي سميت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ تصحيح سان سن 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان شايع ٿيو. ڊاڪٽر عبدالرسول قادريءَ انهيءَ ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي، جو سن 1993ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ طرفان اشاعت هيٺ اچي چڪو آهي[2].