حاجي فقير الله علوي
حاجي فقير الله علوي:(انگريزي: Haji Faqeerullah Alvi )
حاجي فقير الله بن عبدالرحمان حنفي جلال آبادي شڪارپوري، جلال آباد (افغانستان) جي ھڪ ڳوٺ روتاس ۾ ڄائو، سندس سلسله نسب امام محمد بن حنيفه سان ملي ٿو، ظاھري علومن کان فارغ ٿي شاه محمد مسعود پشاوري ۽ حاجي محمد سعيد لاھوري کان خرقو خلافت ڍڪيائين. 1150ھ ۾ پنهنجي وطن مان ھجرت ڪري شڪارپور ۾ اچي رهيو، ظاھري علمن سان گڏ باطني علومن جو به درس ڏيندو ھو ۽ ھزارين ماڻهو سندس ظاھري ۽ باطني علمن مان فائدو پرائڻ لڳا، حاجي صاحب جي زندگي جو وڏو حصو بار بار حرمين شريفين جي سفر ۾ گذريو ۽ اُن زماني ۾ جڏھن سفر جون ڪنهن به قسم جون سهولتون ڪين ھيون[1]. پورا ست دفعا حرمين شريفين جو سفر ڪيائين. جو گهڻو ڪري ايراني نار کان يمن مان لنگهي حجاز ويندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن سورت بندر تان جده به ويندو ھو. سنڌ جي حاڪمن مان ميان سرفراز خان ولد ميان غلام شاه خان ڪلهوڙو سندس بيحد معتقد ھو ۽ وقت بوقت حاجي صاحب جي خدمت ۾ سوکڙيون ۽ تحفا موڪليندو رهندو ھو. اھڙي طرح بلوچستان جو خان مير نصير محمد خان بروهي به سندس مريدن جي زمره ۾ داخل ھو، سنڌ تي انهيءَ زماني ۾ احمد شاه ابدالي جي ڪاه ٿي ته ھن کي به حاجي صاحب جي روحاني ڪشف گهلي آندو ۽ احمد شاه وفات تائين حاجي صاحب جو معتقد ٿي رھيو ۽ ان کانپوءِ احمد شاه جو فرزند تيمور شاه به سندس مخلصن جي خانه ۾ شامل ھو. حاجي صاحب اگرچه چئني طريقن ۾ مريد ڪندو هو ۽ چئني طريقن کيس شيخ محمد مسعود کان سواءِ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي کان به اجازت حاصل ھئي ۽ ھڪ وڏو عارف ڪامل هو مگر سندس زور اتباع شريعت ۽ سنت جي زنده رکڻ تي هو.[1]. هن حديث جي علمن جي پهريان سند ۽ اجازت مخدوم محمد هاشم کان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ مڪه شريف جي سفر ۾ دوباره سڌي طرح مخدوم صاحب جي شيخ سيد عبدالقادر مالڪي کان به ورتي، حديث جي اتباع ڪري بعض مسئلن ۾ هن جو پنهنجو جدا مسلڪ آهي، اگرچه هڪ وڏو صوفي ھو ۽ محي الدين ابن عربي جا ڪتاب مطالع ھيٺ رھندا ھئس جن ۾ ھمه اوست جي مسئلي جو بنياد وڌل آھي ۽ علامه معين ٺٽوي ھمه اوست جي نعره کي بلند ڪرڻ وارو به سندس دوست ۽ مخلص ھو، پر ان ھوندي به جڏھن جهوڪ جي درويش شاه عنايت الله صوفي ھمه اوست جو آواز بلند ڪيو ته سڀ کان پهريان حاجي فقير الله علوي ھو جنهن وقت جي حاڪم جو صوفي صاحب جي دبي ديني ڏانهن ڌيان ڇڪايو ھو. ”ھمه اوست“ کي الحاد ۽ بي ديني سڏيو، ھڪ دفعي حج جي سفر کان موٽندي جڏھن مسقط بندر تي معلوم ٿيس ته شاه عنايت صوفي قتل ٿي ويو تڏھن تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيائين، حاجي صاحب تصوف جي راه رسم ۽ ظاھري علومن کان سواءِ علميات جو به وڏو ماھر ھو ۽ سندس علميات جو تاثير تمام جلد ظاھر ٿيندو ھو.[1]. ھن کي ڪتابن جمع ڪرڻ جو بيحد شوق ھو، جنهنڪري سندس ڪتبخاني ۾ عرب ۽ عجم جا ناياب ڪتاب اچي جمع ٿيا ھئا. انهن سڀني ڪمالات ھوندي ھو ھڪ وڏو شاعر به ھو، سندس بعض شعر فارسي ۽ عربي ۾ نظر مان گذريا آھن جي سندس پختگي ۽ قادر ڪلامي تي دلالت ڪن ٿا.[1].
حاجي فقير الله علوي | |
---|---|
پيدائش | فقير الله روتاس، جلال آباد |
سَرگَرمُ سالَ | ميان سرفراز ڪلهوڙو وارو دؤر |
مشھور ڪم | *(1) قطب الارشاد،
|
ماءُپيءُ | عبدالرحمان حنفي جلال آبادي |
تصنيفون
سنواريوحاجي صاحب جي تصنيفات مان ھيٺين ڪتابن جا نالا معلوم ٿيا آھن:
- (1) قطب الارشاد،
- (2) طريق الارشاد،
- (3) جواھرالاوراد،
- (4) تڪميل المومنين والا ولاد،
- (5) فتوحات غيبيه شرح عقائد صوفيه،
- (6) فتح الجميل في مدارج التڪميل،
- (7) فتوحات الهي،
- (8) براھين النجات من مصائب الدنيا و العرصات، *(9) منتخب الاصول،
- (10) وثيقته الاڪابر،
- (11) قصيده مبروره،
- (12) مڪتوبات. حاجي صاحب 3 صفر سنه 1195ھ ۾ شڪارپور ۾ وفات فرمائي.[1].