حاجي شير محمد شيرل چغدو

حاجي شير محمد ”شِيرل“ چغدو(انگريزي: Haji Sher Muhammad Sheral Chughto ) شير محمد شيرل ولد حاجي محمد صالح چغدو، 9 نومبر 1880ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. مختلف تعليمي سندون حاصل ڪري 27 فيبروري 1900ع تي پرائمري استاد مقرر مقرر ٿيو[1]. ملازمت جو ڪافي عرصو همايون ۾ گذاريندي حضرت مولانا عبدالغفور مفتون همايوني جي صحبت ۾ رهيو. 10 اپريل 1919ع تي ڳڙهي ياسين ميونسپل اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ 1932ع ڌاري ڊپٽي انسپيڪٽر جي عهدي تي رهندي رٽائرڊ ڪيائين. شعروشاعريءَ سان جواني کان لڳاءُ هيس، سندس شمار شڪارپور جي ناميارن شاعرن ۾ ٿيندو هو. پاڻ 14 آڪٽوبر 1963ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪري ويو[1]. هن جي هيٺ شڪارپور متعلق سندر ڪويتا پيش ڪجي ٿي:

مشهور شهر آهي سهڻو شڪارپور،

موزون ملڪ آهي جلوو شڪارپور. حسن سندي آ هلچل سهڻن وٽ مڪمل، سودو حسن جو آهي هوڪو شڪارپور. رفتار سهڻن جي سان اٿي خاڪ اڪثر، ڪجل الجواهر ڀائين هرڪو شڪارپور. غمزه ۽ ناز سان پڻ هِنِ نازنين مشهر، نيڻن جا تير جهلي سڀڪو شڪارپور. گفتار سهڻن جي مان شڪر ٽمي ٿي چپن، وه وا ٺهي مٺائي حلوو شڪارپور. ڪيڏي گذاري شيرل عمر هتي اجائي، پرين جي پياس ۾ ٿيو پوڙهو شڪارپور.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -