جڳت آڏواڻي، 1913ء ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. پاڻ ليکڪ ۽ خاص ڪري ترجمي واري فن جو ماھر هو. اردو، ھندي، گجراتي، مرھٽي ۽ انگريزيءَ مان 100 کان مٿي ناول، ڪھاڻين جا مجموعا ۽ چونڊ مضمون، سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيل اٿس. بعد ۾ ھو ڀارت جي ويسٽ ممبئي ۾ رهائش پذير ٿيو، جتي هن جو ديهانت 2000ء ۾ ٿيو.[1]