جيڪولين فرنينڊز

جيڪولين فرنينڊز (انگريزي: Jacqueline Fernandez)، پيدائش 11 آگسٽ 1985ع، سري لنڪائي ماڊل، اداڪارا ۽ مِس يونيورس سري لنڪا 2006ع جي کٽيندڙ آھي[1][2]، جيڪا بُنيادي طور تي ھندي فلمن ۾ ڪم ڪندي آھي. ھن "علاوٌدين" فلم سان ھندي فلمي صنعت ۾ پنھنجو قدم رکيو ۽ اُن کي ئي پنھنجو پيشو ٺاھيو. ھيءَ بحرين ۾ گھڻ نسلي يوريشين خاندان (سري لنڪائي، ڪئناڊوي ۽ ملائيشيائي) ۾ پئدا ٿي ۽ اُتي ئي وڌي ويجھي. يونيورسٽي آف سڊني مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ گريجوئيشن ڪرڻ ۽ سريلنڪا ۾ ٽيليويزن رپورٽنگ ڪرڻ کانپوءِ ماڊل طور ڪم ڪرڻ شُروع ڪيائين. ھن مس يونيورس 2006ع ۾ پنھنجي مُلڪ جي نُمائندگي ڪئي، جتي کيس مس يونيورس سريلنڪا جو تاج پارايو ويو.[3]

فرنينڊز 2019ع ۾

حوالا سنواريو

  1. "How Jacqueline Fernandez become one of Bollywood’s most-bankable actresses". South China Morning Post. حاصل ڪيل 2021-12-26. 
  2. "Sri Lankan actress had role in embassy decision". gulfnews.com. حاصل ڪيل 2021-12-26. 
  3. "Miss Universe Sri Lanka" (en ۾). Wikipedia. 2021-11-07. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Miss_Universe_Sri_Lanka&oldid=1053979978.