جيو ٽيگنگ (Geo tagging) انٽرنيٽ (ڳنڍڄاڙ) جي دنيا جو هڪ فيچر آهي، جنهن جي ذريعي ڪوبه شخص، ڇِڪيل تصوير جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگھي ٿو ته هِي تصوير ڪهڙي جڳهه تي ورتي وئي آهي ۽ هِي تصوير ڪنهن جي آهي يا ڇا جي آهي. جيو ٽيگنگ هڪ اهڙو طريقيڪار يا پراسيس آهي، جيڪو ڦوٽوئن، وڊيوز، ايس.ايم.ايس يا ويبسائٽن ۾ جغرافيائي سڃاڻپ کي شامل ڪري ٿو. اسان جيڪا به تصوير ڇِڪيون ٿا، ائنڊرائيڊ سسٽم ان ۾ جيوٽيگنگ شامل ڪريو ڇڏي. جيو ٽيگنگ ڪئمرا آن ڪرڻ مهل پاڻمرادو آن ٿيو وڃي، جيڪو بند پڻ ڪري سگھجي ٿو، جيو ٽيگنگ ذريعي هن وقت نه رڳو گوگل ۽ فيسبڪ پر دنيا جون کوڙ ساريون ڪمپنيون پنهنجن موبائل ايپليڪيشنز ۾ استعمال ڪري رهيون آهن. ڪئمرا واريون ايپليڪيشنز جيو ٽيگنگ ڪتب آڻيندي ڇِڪيل ڦوٽوئن جي ڄاڻ محفوظ ڪري وٺنديون آهن. [1] [2] [3]

گوگل وٽ جيو ٽيگنگ ٻن طريقين سان ٿيندي آھي سنواريو

  • 1. پاڻمرادو جيو ٽيگ: هن ٽيگنگ تحت گوگل پاڻ دنيا جي نقشي تي ڪٿي نه ڪٿي اڳواٽ نشان لڳل ھجڻ ڪري پنھنجي نقشي ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آھي. ان کي گوگل جي نقشي تي لاوارث نشان (Orphan tag) سمجھيو ويندو آھي. ھن قسم جي ٽيگ کي نه ته ترميمي سگھجي ٿو نه وري ان ۾ ڪا ڄاڻ داخل ئي ڪري سگهجي ٿي.
  • 2. مڪمل جيو ٽيگ: ھن قسم جي جيو ٽيگ ۾ ھيٺيون شيون لازمي ھونديون آھن.

الف: ماڳ مڪان جي ڄاڻ، مڪمل نالو، ماڳ جو درجو يا ڀاڱو، رابطي لاءِ فون نمبر، ڪا ويب سائيٽ، ماڳ جي تصوير، وڊيو يا 360 اسڪريني سير وغيره ان جيو ٽيگ کي اڃا بھتر کان بھتر ڪرڻ لاءِ ترميم جي 100 سيڪڙو جاءِ موجود ھوندي آھي ۽ گوگل جي سڀني واپرائيندڙن (صارفن) کي کليل اجازت ھوندي آھي ته ان ۾ پنھنجي ڪئمرائن مان نڪتل تصويرون رکي سگهن. ان کان اھم ڳالھ اھا ته اھا ٽيگ وري گوگل جي ”ڪاروباري ويبسائيٽن“ ۾ پاڻمرادو ھڪ ويب سائيٽ جو ڊومين ڏيندي آھي، ۽ تصديق (پَڪ) ڪرائي ان ماڳ جو آفيشل گوگل پلس جو صفحو به ٺاھي سگهجي ٿو. [4]

حوالا سنواريو

  1. جيوٽيگنگ : هاڻ ڪمپيوٽر کان ڪجهه به ڳُجهو ناهي | SindhSalamat, وقت 2017-02-28 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-02-27 
  2. جيوٽيگنگ : هاڻ ڪمپيوٽر کان ڪجهه به ڳُجهو ناهي، ليکڪ؛ عبيد تهيم
  3. سنڌ سلامت ويبسائيٽ
  4. گوگل جي مڪمل جيو ٽيگنگ ڇا آھي؟، ليکڪ: امر فياض، پاران سنڌ ثقافت کاتو