جيوواني پيزانو:Giovanni Pisano : (c. 1250 – c. 1315) اٽليءَ جو سنگتراش، پينٽر ۽ آرڪيٽيڪٽ يا عمارت سازيءَ جو ماھر ھيو جنھن پيسا، سيئنا ۽پستوئيا شھرن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ھن جي فن ۾ فرانس جي گوٿ ثقافت ۽ قديم رومن آرٽ جو ڏيک ھيو. ھينري مور لکيو آھي تہ ھي دنيا جو پھريون جديد سنگتراش ھيو.

جيوواني پيزانو سيئنا ڪيٿيڊرل جي مھاڙي جو ڪم شروع ڪري ان ۾ مجسما ٺاھيا (ھاڻي پانھن مجسمن جا نقل اتي رکيل آھن)

تياري ھيٺ

زندگي جو احوال سنواريو

ھي مشھور سنگتراش نڪولا پيزانو جو پٽ ھو ۽ پيسا شھر ۾ 1250 ۾ ڄائو. سندس تربيت پيء ڪئي. 1265 کان 1268 تائين ھن پيء سان گڏجي سيئنا شھر جي ڪيٿيڊرل يا ديول جي منبر (pulpit) جو ڪم ڪيو. ان کان پوءِ ھن پيء سان گڏ پروجيا(Perugia) شھر جي ھڪ حوض فونٽانا ميجيوري (Fontana Maggiore) جو 1278 تائين ڪم ڪيو. پيء جي وفات کانپوءِ ھي سيئنا شھر ۾ رھي پيو.اتي ھن ميڊونا جو ٻار سميت مجسمو ٺاھيو جنھن ۾ ھن فن جي نئين نموني کي متعارف ڪرايو جنھن ھن جي فن کي سندس پيءُ جي فن کان الڳ سڃاڻپ ڏني

 
پيسا جي ڪيٿيڊرل جو منبر

جيوواني جو ٻيو ڪارنامو ھن جي پيسا جي ڪيٿيڊرل ۾ سنگتراشي ھيو. 1287 کان 1296 تائين ھي سيئنا ڪيٿيڊرل جو مکيہ آرڪيٽيڪٽ مقرر ٿيو. 1296 ۾ ھي پيسا موٽي آيو جتي سان جيوواني چرچ جو ڪم شروع ڪيائين. 1297 ۾ سينٽ اينڊريا پستوئيا ۾ بہ ڪم شروع ڪيو جيڪو 1301 ۾ بہ جاري رھيو. ھن جو ڪم 1310 ۾ بہ پيسا واري ڪيٿيڊرل ۾ جاري رھيو. ھن جو آخري شاھڪار مارگريٽ آف بريبنٽ (Margaret of Brabant) جو يادگار ھيو جنھن جو ڪم ھن 1313 ۾ شروع ڪيو. مارگريٽ 1311 ۾ فوت ٿي تہ سندس مڙس ھولي رومن ايمپائر جي شھنشاھ ھينري ستين ان جي ياد ۾ اھو يادگار تعمير ڪرايو ھو. جيوواني 1315 ۾ وفات ڪئي.

گئلري ۾ ڏيکاريل جيوواني جا شاھڪار سنواريو

 
پيسا جي ڪيٿيڊرل جو مجسمو جنھن ۾ ميڊونا ٻار سان گڏ ڏيکاريل.
پيسا جي ڪيٿيڊرل جو مجسمو جنھن ۾ ميڊونا ٻار سان گڏ ڏيکاريل. 
 
سيئنا جي ڪيٿيڊرل جي مھاڙي تي جيوواني جا ٺاھيل مجسما
سيئنا جي ڪيٿيڊرل جي مھاڙي تي جيوواني جا ٺاھيل مجسما 
 
سيئنا جي ڪيٿيڊرل ۾ پيغمبر ھيگئي جو مجسمو
سيئنا جي ڪيٿيڊرل ۾ پيغمبر ھيگئي جو مجسمو 
 
پستوئيا جي سينٽ اينڊريا جي منبر تي جيوواني جو ٺاھيل صليب وارو مجسمو
پستوئيا جي سينٽ اينڊريا جي منبر تي جيوواني جو ٺاھيل صليب وارو مجسمو 
 
مسيح جي آمد جي بشارت ( Annunciation) ڏيکاريندڙ پستوئيا جي سينٽ اينڊريا جي منبر ۾ ٺاھيل مجسمو
مسيح جي آمد جي بشارت ( Annunciation) ڏيکاريندڙ پستوئيا جي سينٽ اينڊريا جي منبر ۾ ٺاھيل مجسمو