جيون ڪھاڻي (Literary biography) غير افسانوي ادب جو ھڪ قسم آھي، جنھن جو موضوع فرد جي حياتي/جيوني هوندو اھي. سنڌيءَ ۾ ان کي ’سوانحي ادب‘ بہ چئبو آهي. عام طرح ھن دائري ۾ اتم ڪھاڻي بہ اچي وڃي ٿي. جيون ڪھاڻيءَ کي تاريخ جو حصو به سمجهيو ويندو آهي، ڇو تہ ان جو مدار واقعن جي تسلسل ۽ لکيل توڙي زباني مواد جي وضاحت تي هوندو اھي. اهو تحقيق ۽ ذاتي يادگيرين تي مشتمل هوندو آهي. عام طور جيون ڪھاڻي جي صنف سوانحي ادب ۾ اچي ٿي.”سوانح عمري“، ”اجتماعي سوانح عمريون“، ”خاڪا نگاري“، ”آتم ڪھاڻي/ڪٿا“، ”يادگيريون“، ”تذڪره“، ”ڊائريون“، ”رپورٽون“، ”انٽرويو“ ۽ ”سفرناما“ وغيره ان جي دائري ۾ اچي وڃن ٿا.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.