جيني شپلي
ڊيمي جينيفر ميري شپلي{{ٻيا نالا|انگريزي= Dame Jennifer Mary Shipley [1] نيوزيلينڊ جي اڳوڻي سياستدان ۽ ملڪ جي ڇٽيھين وزيراعظم آهي. اھا 1997 کان 1999 تائين ملڪ جي وزيراعظم رھي ۽ ان کي نيوزيلينڊ جي پھرين عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي.ھي نيوزيلينڊ جي نيشنل پارٽي جي پھرين ۽ واحد عورت سربراھ ھئي.[2]نيوزيلينڊ جي ڏاکڻي ٻيٽ جي ڏاکڻي علائقي سائوٿ لينڊجي شھر گور ۾ پيدا ٿي. ھي ٻھراڙيءَ واري علائقي ڪينٽربري ۾ وڏي ٿي ۽ مارلبورو گرلس ڪاليج ۽ ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. سياست ۾ اچڻ کان اڳ اسڪول ۾ استاد ھئي ۽ کوڙ ڪميونٽي تنظيمن ۾ سرگرم ھئي. 1987 جي عام چونڊن ۾ اشبرٽن واري تڪ مان پارليامينٽ جي ميمبر ٿي. ان تڪ جو بعد ۾ نالو 1990 واري چونڊن ۾ ريڪائيا رکيو ويو.ان ئي سال نيوزيلينڊ نيشنل پارٽي اقتدار ۾ آئي ۽ ھي جم بولگر جي ڪابينه ۾ سوشل ويلفيئر جي ۽ بعد ۾ عورتن جي معاملن جي، وري بعد ۾ صحت کاتي ۽ آخر ۾ ٽرانسپورٽ جي وزير بڻي. ڊسمبر 1997 ۾ جڏهن پارٽي ۾ اعتماد وڃائڻ ڪري استعفیٰ ڏني تہ شپلي ملڪ جي پھرين عورت وزيراعظم بڻي.
رائيٽ آنربل ڊيمي جيني شپلي Dame Jenny Shipley ڊي اين زيڊ ايم | |
---|---|
شپلي 2013 ۾ | |
نيوزيلينڊ جي 36ھين وزيراعظم | |
عهدو سنڀاليو 8 ڊسمبر 1997 – 10 ڊسمبر1999 | |
شاهي حڪمران | ايلزبيٿ II |
گورنر جنرل | ميخائيل ھارڊي بوائيس |
ڊپٽي | ونسٽن پيٽرز ويٽ ڪريڪ |
پيشرو | جم بولگر |
جانشين | ھيلن ڪليرڪ |
28 ويھين مخالفت ڌر جي اڳواڻ | |
عهدو سنڀاليو 10 ڊسمبر1999 – 8 آڪٽوبر 2001 | |
وزير اعظم | ھيلن ڪليرڪ |
پيشرو | ھيلن ڪليرڪ |
جانشين | بل انگلش |
Member of the نيوزيلينڊ Parliament for ريڪائيا تڪ (Rakaia ) | |
عهدو سنڀاليو 27 آڪٽوبر 1990 – 27 جولاءِ 2002 | |
پيشرو | تڪ قائم ٿيو |
جانشين | برائن ڪونيل |
Member of the نيوزيلينڊ Parliament for اشبرٽن وارو تڪ | |
عهدو سنڀاليو 15 آگسٽ 1987 – 27 آڪٽوبر 1990 | |
پيشرو | راب ٽالبوٽ |
جانشين | تڪ منسوخ ٿيو |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | جينيفر ميري رابسن فيبروري 1952 (عمر 72 سال) گور, نيوزيلينڊ |
سياسي جماعت | نيوزيلند نيشنل پارٽي |
جيون ساٿي | برٽن شپلي (ش. 1972) |
ٻار ٻچا | 2 |
ھن جي حڪومت مخلوط ھئي جنھن ۾ ونسٽن پيٽرز جي پارٽي نيوزيلينڊ فسٽ سندن اتحادي ھئي پر اھو حڪومتي اتحاد آگسٽ 1998 ۾ ٽٽي ويو پر ھن مئوري پيسيفڪ نالي نيوزيلينڊ فسٽ جي ھڪ ڌڙي جي مدد سان پنھنجي حڪومت برقرار رکي. 1999 جي عام چونڊن ۾ شپلي جي پارٽي کي ھيلن ڪليرڪ جي نيوزيلينڊ ليبر پارٽي کان شڪست ملي. جنھن بعد شپلي پارليامينٽ ۾ آڪٽوبر 2001 تائين مخالف ڌر جي اڳواڻ رھي. سياست ڇڏڻ کان پوء ھن پنھنجي ڪاروبار ۽. خيراتي ڪمن ۾ مصروفيت اختيار ڪئي ۽ عالمي عورت اڳواڻن جي ڪائونسل جي پڻ ميمبر آھي.
حوالا
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ "Jenny Shipley". New Zealand history online. Ministry for Culture and Heritage. حاصل ڪيل 2 February 2018.
- ↑ Skard, Torild (2014) "Jenny Shipley and Helen Clark" in Women of Power – Half a century of female presidents and prime ministers worldwide. Bristol: Policy Press, ISBN 978-1-44731-578-0