جيبي اي ايس ايم آر
جيبي اي ايس ايم آر / / ˈdʒiːbiː / ؛ جنم ڊسمبر 19، 1994) [1][غير بنيادي ذريعو جي ضرورت آهي][2] هڪ آمريڪي اي ايس ايم آر اداڪار، يوٽيوب جي شخصيت ، ٽويچ اسٽريمر، ۽ ڪاسپلير آهي.
Gibi ASMR | ||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
گبي اي ايس ايم آر | ||||||||||
ذاتي ڄاڻ | ||||||||||
جنم | گينا Gina ڊسمبر 1994 (عمر 29 سال) | |||||||||
قوميت | آمريڪن | |||||||||
ڌنڌو | يوٽيوب | |||||||||
ويب سائيٽ | gibiofficial | |||||||||
يوٽيوب ڄاڻ | ||||||||||
چينل | ||||||||||
سال سرگرم | 2016–کان هاڻي | |||||||||
صنف | Autonomous sensory meridian response, cosplay | |||||||||
ڪُل ڏيک | 1.4 بلين | |||||||||
| ||||||||||
اپڊيڊيٽڊ: فيبروري 17, 2022 |
شروعاتي زندگي
سنواريوجيبي جو پس منظر ٿيٽر ۽ فلم آهي، ۽ هن نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي جي اسڪول آف ڪميونيڪيشن مان 2017 ۾ بيچلر آف سائنس فلم ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي. [3][4]
جيون مارگ/ڪيريئر
سنواريواي ايس ايم آر (آٽونامس سينسري ميريڊين ريسپانس ـ Autonomous sensory meridian response) مواد جي شروعاتي سالن دوران، جيبي چنتا ۽ بي خوابي سان هڪ هاءِ اسڪول ٻئي سال جي انڊرگريجوئيٽ (سوموفور) هئي جڏهن يوٽيوب جي تجويز ڪيل الگورٿم هن کي ان صنف ڏانهن متعارف ڪرايو. [4][5] سالن تائين اي ايس ايم آر کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ، ڪاليج جي سينيئر سال کان اڳ گبي پنهنجو يوٽيوب چينل جون 2016 ۾ ٺاهيو. [3][4] ان اونهاري ۾، هن ڪاس پلي ۽ انمي ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪيو؛ اڳوڻي تخليقڪارن کان متاثر ٿي، هن انهن دلچسپين کي رول- پلي اي ايس ايم آر ويڊيوز ۾ شامل ڪيو، جيڪي موجوده ۽ اصلي ڪردارن کي ظاهر ڪن ٿا. [6] شروعات کان وٺي، گبي جو ارادو هو ته ويڊيو ٺاهڻ کي ڪُل وقتي ملازمت طور ڪرڻ هيو، جنهن ۾ پروڊڪشن تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ ڪاليج مان سرديءَ جي موڪل وٺڻ به شامل هو. [3][6] گريجوئيشن جي ڇهن مهينن اندر، هوء ڪُل وقتي وڊيوز ٺاهڻ لاء ڪافي ڪمائي رهي هئي، ۽ هڪ سال کانپوءِ هڪ ملين سبسڪرائبرز تائين پهچي وئي. [3][4][7]
سندس ايڊيٽر جي تجويز تي، جيبي 2017 ۾ پنهنجو ٽويچ چينل ٺاهيو، جنهن تي هوءَ اي ايس ايم آر کي هلائي ٿي ۽ وڊيو گيمز کيڏي ٿي. [6]سال 2019 ۾، هن رووستر ٽيٿ پاران انڪائونٽر ڪلچر نالي هڪ ويب مني سيريز جي ميزباني ڪئي. [8]
پوليدور رڪارڊز 2019 ۾ جيبي سان رابطو ڪيو ۽ پڇيو ته ڇا هوءَ بيلي ايلش جي البم، جڏهن اسان سڀ سمهي پئون ٿا، ته ڪٿي وڃون ٿا؟ جو اي ايس ايم آر ريڊ-ٿرو ڪندي. جيبي پروجيڪٽ کي مفت ۾ رڪارڊ ڪيو؛ ان جي اپ لوڊ ٿيڻ کان وٺي ان کي 3 ملين کان وڌيڪ ريويوز مليا آهن. [9][10] ان اونهاري ۾، جيبي کي ريز دي مووي: ريز جي باري ۾ هڪ فلم، ريز پينٽ بٽر ڪپس بابت هڪ اوفيشل فيچر-لينٿ اي ايس ايم آر پروجيڪٽ ۾ اداڪاري ڪرڻ لاءِ رکيو ويو. [11]
آجيان
سنواريوگبي يوٽيوب جي بهترين اي ايس ايم آر ٺاهيندڙن مان هڪ سمجهي ويندي آهي.[4] هن جي وڊيوز کي ليکڪن جهڙوڪ باسل،[12] ڊين آف گيڪ ، [13] هيوي.ڪوم، [14] ۽ انسائيڊر[15] جي طرفان سفارش ڪئي وئي آهي. دي نيو يارڪ ٽائمز ميگزين لاءِ لکندي ، جيمي لارين ڪيلس جيبي کي ”دي ليبرون جيمس آف ٽچنگ اسٽف“ سڏيو آهي ۽ هن جي حقيقي آن لائن شخصيت سان جوڙائتو لکيو آهي. [4]
ذاتي زندگي
سنواريوجيبي دوست ۽ ڪٽنب جي خاطر سخت رازداري احتياطي اپاءُ وٺي ٿي. [3][6] ماضي ۾، هن پنهنجي رشتي جي حيثيت يا رهائش جو شهر ٻُڌائڻ کان پاسو ڪيو. [4] سال 2019 ۾، جيبي پنهنجي مڙس، بين سان پرڻو ڪيو، جنهن سان هن نارٿ ويسٽرن ۾ ملاقات ڪئي ۽ جيڪو هاڻي هن جي ڪاروباري معاملن کي سنڀالي ٿو. [3][6] هي جوڙو جنوري 2020 ۾ لڏي ويو، سندن اهو چوڻ هيو ته سندن اڳوڻي رهائش شڪاگو جي هڪ پسگردائي ۾ هئي. نومبر 2020 ۾، جيبي پنهنجو پهريون نالو جينا طور ظاهر ڪيو.[16] [17]
حوالا
سنواريو- ↑ @GibiOfficial. "Live all day for 23rd birthday!!! Come in anytime". Twitter. حاصل ڪيل May 20, 2019.
- ↑ ggGibi. "2018 Birthday Stream!!!". Twitch. حاصل ڪيل May 20, 2019.
- ↑ 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 Alex Schwartz. "As the ASMR sensation grows online, a Northwestern alumna finds her place among the whispers Gibi ASMR". The Daily Northwestern.
- ↑ 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 4.5 4.6 Keiles, Jamie Lauren (2019-04-04). "How A.S.M.R. Became a Sensation (Published 2019)" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/2019/04/04/magazine/how-asmr-videos-became-a-sensation-youtube.html.
- ↑ Johnson, Christen A. "'I'm tingling!': What an ASMR YouTube star with Chicago ties thought about Michelob's Super Bowl ad". chicagotribune.com. حاصل ڪيل 2021-01-30.
- ↑ 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 Tenbarge, Kat. "One of YouTube's biggest ASMR stars explains 'brain tingles' and why she still lies about her job". Insider. حاصل ڪيل 2021-01-30.
- ↑ "ASMR creators want you to know it's art, not a weird sexual fetish". www.vice.com. حاصل ڪيل 2021-01-30.
- ↑ "Encounter Culture". Facebook. Rooster Teeth. حاصل ڪيل December 10, 2019.
- ↑ Schonfeld, Zach. "How Billie Eilish Became an ASMR Icon". Pitchfork. حاصل ڪيل 2021-01-30.
- ↑ "How ASMR crossed over into pop music". The Independent. حاصل ڪيل 2021-01-30.
- ↑ "ASMR and the Soothing Power of Experts" (en-us ۾). Wired. ISSN 1059-1028. https://www.wired.com/story/soothing-power-asmr-youtube-videos/.
- ↑ Carolyn de Lorenzo. "7 ASMR Videos To Watch If You Can't Fall Asleep". Bustle.
- ↑ "Geeks Vs Loneliness: ASMR and those tingling feelings". Den of Geek. وقت March 29, 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Lily Santiago. "Top 5 ASMR Channels On YouTube". وقت July 21, 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Tenbarge, Kat. "How ASMR videos went from a niche 'tingle' subculture to mainstream memes". Insider. حاصل ڪيل 2021-01-30.
- ↑ Gibi ASMR Full Apartment Tour | Chicago. YouTube. حاصل ڪيل November 25, 2020.
- ↑ My Real Name. YouTube. حاصل ڪيل November 25, 2020.
ٻاهريان ڳنڍڻا
سنواريو- اوفيشل سائيٽ
- يوٽيوب تي گبي جو چينل
- ٽويچ تي گبي جو چينل
- جيبي ASMR Spotifyتي
- Gibi ASMR ٽويٽر تي