جوڳي ٻولي

هند يورپي ـ هند آريائي ٻولي

جوڳي ٻولي (انگريزي ٻولي: Jogi language) سنڌ (پاڪستان) ۽ هندستان جي هندـ آريائي ٻولي ڪُٽنب مان هڪ ٻولي آهي. هيءَ ٻولي انڊيا پاڪستان جي ڪجهه جوڳي ذاتين پاران ڳالهائي ويندي آهي.

جوڳي
ٻولي جو وطن پاڪستان, انڊيا
خطو سنڌ, گجرات
نسل جوڳي
ٻولي ڳالهائيندڙ
پاڪستان ۾ 50–100,000 (حوالو: 1996)[1]
ٻولي جا ڪوڊ
ISO 639-3 jog
گلوٽولوگ None

ڳالهائيندڙ سنواريو

هن ٻولي کي عام طور تي مارواڙي ٻولي سمجهيو ويندو آهي، پر ضمير الڳ الڳ آهن. سنڌ جا ڪيترائي جوڳي (هندو جوڳي ۽ مسلمان جوڳي) سنڌي ٻولي سميت جوڳي ٻولي پنهنجي مادري ٻولي طور ڳالهائيندا آهن؛ جڏهن ته پاڪستان جي ٻين علائقن جا جوڳي گهڻوڪري جوڳي ٻولي ڳالهائيندا آهن.[2]

حوالا سنواريو