جوناٿن سوفٽ
جوناٿن سُئفٽ (Jonathan Swift) (1665ع _1745ع) ھڪ اينگلو-آئرستاني شاعر ۽ اديب ھو.
زندگيءَ جو احوال
سنواريوجوناٿن هڪ غريب گهراڻي ۾ ڄائو هو، اڃا جڏهن ٽن سالن جو ٿيو تہ پيءُ وفات ڪري ويس، تنھنڪري هن جي تعليم جو بار سندس چاچي تي پيو، جيڪو هڪ وچولي درجي جو وڪيل هو. سئفٽ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊبلن کان لنڊن ۾ آيو، جتي پوءِ هو ”سروليم ٽيمپل“ جو ذاتي سيڪريٽري اچي ٿيو. سر وليم ٽيمپل راڻيءَ (آئن) جي درٻار جو هڪ امير هو، جيڪو ڪجهہ وقت وزير بہ ٿيو هو. هن جي ذريعي سئفٽ جي لنڊن جي مختلف سياسي حلقن سان واقفيت ٿي، جنھن جو اڳتي هلي سئفٽ جي ذاتي زندگيءَ ۽ فن تي تمام گهڻو اثر پوڻو هو. ارڙهين صديءَ جي انگريزي سياست ۾ رشوتستاني، اقرباپروري، پارٽيبازي، سياسي سازشن ۽ چالبازين جو دور هو. پر ظاهري طرح انهن سياسي خرابين کي ايمانداري، اخلاق پرستي ۽ اميرانہ نفاست پسنديءَ جي پُر فريب پردن ۾ لڪايو ويندو هو، سئفٽ جي زندگيءَ جو ڳچ حصو ان سياسي ماحول ۾ گذريو. راڻي آئن جي ڪابينا جي ڪن وزيرن سان هن جا دوستانہ تعلقات هئا. ملڪ جي سياسي معاملن ۾ هن سان مشورا ڪيا ويندا هئا، ۽ امير ۽ وزير ننڍين توڙي وڏين دعوتن ۾ هن کي هميشہ گهرائيندا هئا. سئفٽ سياسي حلقن ۾ مقبوليت ۽ اهميت فقط پنھنجي قلم جي زور تي پيدا ڪئي، پر هو ان ماحول ۾ ترقي ڪري نہ سگهيو.[1]
سئفٽ دوستيءَ جي ناتن ۽ ذاتي لاڳاپن ۾ سياسي چالبازين جي دخل اندازيءَ کي هميشہ برو سمجهندو هو، تنھنڪري هن جا امير ۽ وزير دوست هميشہ سندس سادگيءَ مان فائدا وٺندا رهندا هئا. پر پڇاڙيءَ تائين هن جي مستقبل کي سڌارڻ ۾ هنن پاڻ سندس ڪا خاص مدد ڪانہ ڪئي. سئفٽ جي هيءَ آرزو هوندي هئي تہ کيس بشپ (وڏي پادريءَ) جو عھدو حاصل ٿئي. پر جيستائين ”ڊچيس آف سمرسيٽ“ جيئري رهي، هو بشپ ٿي نہ سگهيو، ڊچيس آف سمرسيٽ جنھن تي هن پنھنجي ٻئي مڙس کي مارائڻ جي تھمت مڙهي هئي، راڻي آئن جي خاص درٻارين مان هئي، ۽ سدائين سئفٽ جي خلاف راڻي آئن جا پيئي ڪَن ڀريندي هئي. هوءَ راڻيءَ جي وفات کانپوءِ مُئي. گهڻين نااميدين کان پوءِ سئفٽ کي سينٽ پئٽرڪ چرچ (ڊبلن _آئرلينڊ) جو ڊِين (پادري) مقرر ڪيو ويو. هو هڪڙي هنڌ چئي ٿو تہ ”منھنجي درٻاري دوستن هڪ اهڙي ملڪ ۾ منھنجي تقرري ڪرائي آهي، جتي آءٌ پاڻ کي ملڪ بدر سمجهان ٿو.“ هن انهن دوستن جي وزارتن کي بچائڻ لاءِ مضمون لکيا، ساڻن سازشن ۾ شريڪ ٿيو، ۽ دشمن پيدا ڪيائين. پر آخر ۾ نتيجو هي مليس، جو هڪ ننڍي عھدي ڪاڻ لنڊن ڇڏڻي پيس. جيتوڻيڪ سياسي ماحول ۾ رهي، هن کي ڪو خاص مالي فائدو نہ ٿيو، پر ان مان سندس ادب ۾ سياسي ۽ سماجي طنز جي فني لياقتن کي جرڪڻ جو سٺو موقعو مليو. ان زماني ۾ هن ”هڪ ٽب جي ڪھاڻي“ (A Tale of Tab) جهڙو هڪ اعليٰ مضمون لکيو، جيڪو عيسائيت جي ڪئٿولڪ ۽ پيوريٽن فرقن تي هڪ عميق طنز آهي.[1]
”گليور جو سفر“ بہ هڪ طنزيہ تصنيف آهي، ليڪن ان ۾ سئفٽ جي طنز جو دائرو تمام وسيع آهي. سئفٽ ان تصنيف ۾ سڄي انسانيت جي حماقتن بڇڙائين ۽ اخلاقي ڪمزورين تي سخت چوٽون ڪري ٿو. سئفٽ شاعري بہ ڪئي، پر سندس شعر ايترو معياري نہ آهي.”گليور جو سفر“ چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پھرئين ڀاڱي ۾ ”لليپٽ“ جو بيان آهي، جيڪو انگلينڊ جي نمائندگي ڪري ٿو. لليپٽ جي ننڍڙن ماڻهن جي درٻار جو احوال، ارڙهين صدي جي انگريزي وزيرن ۽ اميرن جي سياسي سرگرمين سان ملي ٿو. ”فلمنئپ“ شاهي خزانچي، وزيراعظم ”والپول“ آهي. هو ٻين وزيرن کان هڪ انچ وڌيڪ رسيءَ تان ٽپي ڄاڻي ٿو. هاڻي رسي ٽپڻ جو تصور ئي کِل جھڙو آهي. سئفٽ هتي والپول جي چالاڪي ۽ جي حضوريءَ کي ٽوڪي ٿو. لِليپٽ جي درٻار ۾ ٻہ مخالف ڌريون آهن. هڪ ڌر ننڍي کڙيءَ جا ٻي ڌر وڏي کڙيءَ جا جوتا پائي ٿي. ننڍي کڙيءَ واري ڌر ”وگ“ آهي، ۽ وڏي کڙيءَ واري ”ٽوري“. هي ٻيئي انگلينڊ جون قديم سياسي جماعتون آهن، جن کي هاڻي ليبر ۽ ڪنزرويٽو جماعتون سڏجي ٿو. بادشاھ جي نظر ڪرم ننڍيءَ کڙي واريءَ ڌر تي آهي، پر سندس شھزادو چالاڪي ڪري ٻنهي ڌرين کي راضي رکڻ لاءِ ساڳئي وقت ننڍيءَ ۽ وڏيءَ کڙيءَ جا جوتا پائي ٿو. هو جڏهن منڊڪائي هلي ٿو تہ بنھ مسخرو پيو لڳي. سئفٽ جي دور جا شھزادا ۽ بادشاھ مخالف ڌرين کي هڪ ئي وقت راضي رکڻ لاءِ مضحڪ خيز حرڪتون ڪندا هئا.[1]
پر ٻئي ڀاڱي ۾ سئفٽ جي طنزن ۾ شوخيءَ جو عنصر غالب آهي. ان ڀاڱي جي طنزيہ شوخي انسان جي تھذيب ۽ ان ۾ سندس ايمان ۽ فخر تي حملا ڪري ٿي، لليپٽ ۾ گليور جسماني توڙي اخلاقي لحاظ کان ان ملڪ جي ماڻهن کان برتر هو، پر ”برابڊنگ نئگ“ ۾ اچي حالتون بدلجي وڃن ٿيون. هتي گليور برابڊنگ نئگ جي ماڻهن جي مقابلي ۾ جسماني ۽ اخلاقي لحاظ کان هيچ ۽ ڪمتر ٿيو پوي. ٻئي ڀاڱي جا اهم باب تہ اُهي آهن، جن ۾ گليور ۽ برابڊنگ نئگ جي بادشاھ جي وچ ۾ مباحثو ٿئي ٿو. ”گليور جو سفر“ جو ٽيون ڀاڱو سڄي ڪتاب جي اسڪيم ۾ ٺھڪي نٿو اچي، ان هڪڙي ڀاڱي ۾ سئفٽ چئن مختلف ۽ انوکن ملڪن جو احوال ڏئي ٿو، پر انهن ملڪن جي جدا جدا قصن ۾ ڪوبہ ربط نہ آهي. سڀ قصا ٽڙيل پکڙيل آهن، تہ وري انهن ملڪن جي بيان جي ذريعي انساني سماج ۽ انساني کوجنائن تي پيش ڪيل طنز ئي ايتري اهم آهي.[1]
گليور جو چوٿون سفر ”وينمن جي ملڪ ڏانھن سفر“ جي نالي سان آهي. ان ۾ پلاٽ ۽ مرڪزي خيال جي هم آهنگي ۽ تسلسل عروج تي پھتل آهي. ان کان سواءِ طنزيہ انداز بيان ۽ ڪردارن جي پيشڪش ايتريقدر تہ شديد ۽ قوت ڀري آهي، جو هڪ عام پڙهندڙ تي پھريون تاثر هي ويھي ٿو، تہ سئفٽ انسانيت سان نفرت ڪري ٿو. لليپٽ ۽ برابڊنگ نئگ جي سفرن جو مجموعي تاثر گهڻي قدر رڳو مزاحيہ آهي. تنھنڪري ٻارن کي پھريان ٻہ ڀاڱا پڙهڻ ۾ بيحد لطف ايندو آهي. پر چوٿين ڀاڱي ۾ انسان ۽ انساني سماج تي ايتريون تہ جامع ۽ فصيح ٽوڪون ۽ طنزون ڪيل آهن، جو هڪ دفعو تہ اسان جو انسان جي اشرف المخلوقات هئڻ مان ايمان ئي کڄي وڃي ٿو پر هي فقط ظاهري تاثر آهي، جنھن جي تائيد يا ترديد ان حصي کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ کانپوءِ ڪئي ويندي. ”وينمن جي ملڪ ڏانھن سفر“ جا ٻہ مرڪزي خيال آهن. هڪ تہ جڏهن انسان عقل جي زندگي نہ گذاريندو آهي، تڏهن ذلت ۽ خواريءَ جي اوڙاھ ۾ ڪِري انتھائي حيوانيت جو روپ اختيار ڪندو آهي، ۽ ٻيو جڏهن ڪابہ ساھ واري جنس عقل جي زندگيءَ کي پنھنجو ڪندي آهي، تڏهن اها نہ فقط انسان کان اعليٰ ۽ برتر ٿيندي آهي، پر مثالي درجہ ڪماليت کي وڃي رسندي آهي.[1]