جُون جُون جو بت ٿورو شفاف آهي يعني انهيءَ مان شيشي وانگي آرپار ڏسي سگهجي ٿو. ڀوري يا خاڪي رنگ جو ٿئي ٿو ۽ مٿس ڪارا دَٻَڪ ٿا ٿين. مٿو گول اٿس، جنهن ۾ ڌاڳي جهڙا ٻه سڱ لڳل آهن. هلڻ مهل اُهي هميشہ پيا چُرندا آهن. ٻه گول اکيون اٿس ۽ هڪڙي سونڊ جي چهنب ۾ ڇهه نوڪدار ڪُنڊا لڳل اٿس، جي پُٺ تي وريل رهن ٿا. اهي هوءَ ماڻهوءَ جي کَلَ ۾ اٽڪائي ٿي. ٽنگن ۾ انبورين جهڙا چنبا اٿس، جن سان وار کي پڪڙي ٿي. جُيون آنن مان پيدا ٿين ٿيون، جن کي ليکون سڏيندا آهن. اهي رنگ جا اڇا آهن ۽ وارن ۾ چھٽل رهن ٿا. پنجن- ڇهن ڏينهن ۾ آنن مان ٻچا ڦُٽن ٿا ۽ اٺانوي (98) ڏينهن ۾، اهي پاڻ وري ٻين ٻچن پيدا ڪرڻ جهڙا ٿين ٿا. مٿي جي جُون، مٿي جي وارن ۾ رهندي آهي ۽ بُت جي جُون، ڪپڙن ۾ آنا لاهي ٿي. ڪن جانورن جي بت تي جُيون رهنديون آهن. صفائي رکڻ، جُيُن کان بچڻ جو چڱو علاج آهي. مٿي ۾ گهڻي تيل وجهڻ سان جُيون مري وڃن ٿيون. [1]

خودڪار ٽيڪسو باڪس معاونت
خودڪار ٽيڪسو باڪس جوڙڻ لاءِ مهرباني. There's no taxonomy template at "Template:Taxonomy/Phthiraptera", so the automated taxobox system doesn't know the taxonomy (درجا بندي) of Phthiraptera.
  • Is "Phthiraptera" the سائنسي name of your taxon? For example, if you were editing the page "Animal", you'd need to specify |taxon=Animalia not |taxon=Animal. If it's not the expected scientific name, please correct it.
  • There are some special cases which can be more difficult to set up (e.g. disambiguated taxon names). If you're not sure how to proceed, ask for help at Wikipedia talk:Automated taxobox system.
  • Otherwise, click here to create the taxonomy template by entering the taxonomic details for "Phthiraptera". It's partly set up for you.
Phthiraptera
Light micrograph of Fahrenholzia pinnata
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): Phthiraptera
Suborders

Anoplura
Rhyncophthirina
Ischnocera
Amblycera

جونء جي ڊرائنگ ۱۶۷۶ جي جنھن ۾ جونء کي وار ۾ چبڙندي ڏيکاريو ويو آهي.
Detail showing delousing from Jan Siberechts' painting Cour de ferme ("Farmyard"), 1662

طب سنواريو

نالا: ع. قمقام، ف. سپش، هه. وغيره___ جوئي، قمل، بيت ۽ طفاحه. اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: قلب کي، ميل: ماکي، عيوض: ___-، وزن: 7 عدد. سڃاڻپ: ماڪوڙيءَ جي قريب قد جيترو جيت، جيڪو ماڻهوءَ ۾ گهاٽي رت جي پيدائش کان پوءِ يا گهڻو عرصو بيمار رهڻ ۾ ضعف هجڻ کان بدن ۾ پيدا ٿين ٿيون. خاصيت: ڇهه عدد جوئون جهلي، چونري ولايتيءَ ۾ وجهي اهو چؤنرو ٻيئڙ ۽ ٽيئڙ تپ واري کي کارائبو ته تپ ڇڏي ويندو. زيتون جي تيل ۾ گڏ مالش ڪري اهو تيل آلت جي سوراخ ۾ وجهي ته امساڪ گهڻو ٿيندو. حمل واري عورت جي جـُـون جهلي تيل ۾ وجهي، جي جـُـون مري ويئي ته پٽ، نه ته ڌيءَ ڄڻيندي.[2]،

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: حشرات الارض؛ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن :1973؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو