جنود ربانيه
مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مهندر پرتاب ڪابل ۾ موجود ٻين جي مدد سان هندستان جي آزاديءَ جي لاءِ هڪ اسڪيم تيار ڪئي هئي، جنهن کي جنود ربانيه جو نالو ڏنو ويو هو. لڳ ڀڳ سڀني کي هن فوج ۾ عهدا ڏنا ويا ۽ هندستان جي عارضي حڪومت به ٺاهي ويئي. هي اسڪيمون مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ريشمي خط ۾ بيان ڪيل آهن ۽ محمد ميان به پنهنجي خط ۾ انهن جو حوالو ڏنو آهي. حڪومت موقته (عارضي حڪومت) جا ڪم پنهنجي ذمي کنيا، انهن ۾ غير ملڪي طاقتن سان خط ۽ ڪتابت ڪرڻ به شامل هو. [1] [2]
حوالا
سنواريو- ↑ تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ (ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-19
- ↑ ڪتاب: تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ، ليک: ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري