جنس ____(Gender):[1]

سنڌي ويا ڪرڻ ۾ ٻه جنسون آهن.

  1. مذڪر (نَرُ) ؛ مذڪر اُهي اسم يا ضمير آهن جيڪي نر جي معنى ڏيکارين، تن کي جنس مذڪر چئبو آهي.
  2. مؤنث (مادي) ؛ مؤنث اُهي اسم يا ضمير آهن جيڪي مادي جي معنى ڏيکارين، تن کي جنس مؤنث چئبو آهي.

جيئن؛ مذڪر؛- بادشاھ، شهزادو، ڇوڪرو، مرد، گابو، پاڏو، ٻڪر، شينهن، واگھ، ڀاءُ، مڙس، سالو، ٻانهو...

جيئن؛ مؤنث؛- راڻي، شهزادي، ڇوڪري، عورت، گابي، پاڏي، ٻڪري، شينهڻ، واگھڻ، ڀيڻ، زال، سالي، ٻانهي...

بي جان شين جي جنس سنواريو

بي جان شين جي جنس جي معلوم ڪرڻ لاءِ هيٺيون قانون آهي.

بي جان شين سان صفت لڳائبي ته جنس مذڪر يا جنس مؤنث معلوم ٿي ويندي.

  1. گلاب جو گل سهڻو آهي.
  2. هي ندي سهڻي آهي.
  3. ليمون ڏاڍو کٽو آهي


  1. باقي جن واحد اسمن جي آخر ۾ ”و“ آهي سي جنس مذڪر آهن.

جئينː- دلو، ڪؤنرو، اڏام کٽولو، اٽو، لٽو.

2. جن واحد اسمن جي پڇاڙي ۾ ”پيش“ آهي سي گهڻو ڪري مذڪر ۽ ڪڏهن ڪڏهن مؤنث ٿين.

جئين؛ مذڪر ؛ هٿ، دڪان، ٻڪ، سج، نڪ

مؤنث؛ تند، ٿڃ، ماءُ، کنڊ

3. جن واحد اسمن جي پڇاڙي ۾ ”زبر“ آهي سي گهڻو ڪري مؤنث آهن.

جئين؛ ميز، ڄڀ، کٽ، قبر، پڳ، نٿ.

حوالا سنواريو