جند (عربي: جند بيد ستر، فارسي: آش پچگان، ھندي/اردو وغيره: خايہ سگ آبي، سوقطون، اڪبيانوش ۽ فاحشہ) لڌڙي جانور جا خصيا آهن، جن کي ترتيب سان سڪائي، استعمال ڪندا آهن.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان گرم مزاجن کي، ميل: شربت، عيوض: ڪني ڪاٺي، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسو.

خاصيت: فالج، لقوي، عضون جي استرخاءِ، سرسام، مٿي جي سور، دماغي بيمارين، معدي، ٻنڌين ۽ جگر جي ڪم طاقتي لاءِ مفيد آهي. بلغمي خلط کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو، وائي بادي کي تحليل ڪري ٿو، خفقان، ماليخوليا ۽ سرد مزاجن لاءِ موافق ۽ فائديمند آهي. معدني زهرن جو ترياق آهي، وڇون ۽ نانگ جي ڏنگيل لاءِ مفيد ٿئي ٿو.[1]،

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.