جمهوريت نواز سفارتڪاري

جمهوريت نواز سفارتڪاري يا ڊيموڪريٽائيزڊ ڊپلوميسي (Democratized Diplomacy) اصل ۾ سفارتڪاريءَ جو هڪ لاڙو يا انداز آهي، جنهن ۾ سفارتڪاريءَ جي پيشي ۾ روايتي سفيرن بجاءِ سماج جي مڙني ۽شعبن مان ڪارائتا ماڻهو ڳولي کين سفارتي ذميواريون سونپيون وينديون آهن، انهيءَ لاڙي، سفارتڪاريءَ ۾ تمام وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن. ان کان سواءِ انٽرنيٽ ۽ ويب سائيٽن جو قيام سفارتي عمل جي روايتي تصورن جون حدون وڌائيندي عام ماڻهوءَ جي بين الاقوامي معاملن ۾ دلچسپيءَ کي وڌائي ڇڏيو آهي. ان ڪري هاڻي ڪنهن به بين الاقوامي معاملي تي راءِ هموار ڪندي، ڪنهن به حڪومت لاءِ انهن رابطي وارن ذريعن جو پنهنجي حق ۾ استعمال لازمي ٿي پيو آهي. ان ڪري حڪومتون سفارتي مامرن ۾ وڌيڪ ذميوار ۽ سهپ ڀريو رويو اختيار ڪرڻ تي مجبور آهن. اهي ٻين سماجي گروهن ۽ شخصن جي راءِ ٻڌڻ ۽ پاليسيون تبديل ڪرڻ ۾ جمهوري ورتائن جو مظاهرو ڪن ٿيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آن لائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد