جمعيت علماء سنڌ 1920ع ۾ قائم ٿي. ان وقت انهي جي قيام جو مقصد اسلام بابت ڦهلايل غلط فهمين کي ختم ڪرڻ ۽ سنڌ جي بمبئي (موجوده ممبئي) کان عليحدگي هو.

1920 کان 1948 تائين

سنواريو

جمعيت علماء سنڌ جي انهي دور جي اڳواڻن ۾ مولانا تاج محمد امروٽي، مولانا محمد صادق کڏي وارو، مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي وغيره شامل هئا. بعد ۾ مولانا عبدالڪريم چشتي، مولانا دين محمد وفائي وغيره به شريڪ ٿيا. خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، 36-1937 واري اليڪشن، لواريءَ جي جڙتو حج خلاف جدوجهد، ۽ 1946 واري اليڪشن ۾ ڀرپور حصو ورتو. انگريزن خلاف جدوجهد ۾ جمعيت علماء سڌ جو ڪردار بيحد اهم رهيو آهي.

1948 کان 1984 تائين

سنواريو

سن 1984 ع ۾ مولانا حافظ محمد اسماعيل کڏي واري، جمعيت علماء سنڌ کي ٻيهر سرگرم ڪيو. هن دور جي بنيادي مقصدن مان اسلام بابت ڦهلايل غلط فهمين کي دور ڪرڻ ۽ 1940ع واري قرارداد تحت سنڌ جي حقن جي حاصلات آهن. هن دور جي بنيادي ارڪانن ۾ مولانا قمرالدين جسڪاڻي،مولانا عبدالقدوس ڀٽو، رفيق احمد انڍڙ، مولانا خان محمد نوحاڻي وغيره شامل آهن.

1984ع کان وٺي هيل تائين سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ اڪيلي سر ۽ ٻين پارٽين سان گڏجي جمعيت علماء سنڌ جدوجهد جاري رکي آهي.

1984 کان اڃ تائين

سنواريو

اهوار الصادق ۾ لکيل ايڊيٽوريل جمعيت علماء سنڌ جي پاليسي مطابق هوندا آهن. سنڌي عوام جو قومي اتحاد، سنڌ قومي اتحاد، ڪالاباغ ڊيم خلاف جلسا ۽ جلوس، اتحاد، سنڌ امن اڪائونسل، 1990 واري جنرل اليڪشن، جمعيت علماء سنڌ جي ڀرپور شرڪت جا شاهد آهن.

جمعيت علماء سنڌ جي جدوجهد اڃا تائين هلندڙ آهي، اها هڪ نظرياتي ۽ عملي تحريڪ آهي. سنڌ جي حقن جي حاصلات تائين اها جدوجهد هلندي رهندي[1]

  1. Index of /, وقت 2016-01-09 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-01-28