ديھ جمال آباد

(جمال آباد کان چوريل)

ديھ جمال آباد : پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي مٽياري جي تعلقي ھالا جي ھڪ ديھ جو نالو آھي ھن ديھ ۾ ٻيلو ۽ ڪچي جو علائقو شامل آھي . ٻيلي کاتي طرفان زمينن جون چوڪڙيون ماڻھن کي مقاطعي تي ڏنل آھن جنھن تحت زمين جي ڪجهه حصي تي ھڙيون پوکيون وينديون آهن.ھن ديھ جو حدون درياءَ سنڌ، ديھ ڀاڻوٺ، پير بلاولي، ديھ ڳاھوٺ، ديھ ٻيلو دٻاڻو،ديھ نورل آباد ۽ ديھ ڪچو ڪيٽي سان ملن ٿيون.