جمالي (قبيلو)

(جمالي کان چوريل)

جمالي: ھيءُ رند بلوچن جي ھڪڙي شاخ آھن ۽ اڪثر سرحد سنڌ شھدادپور تعلقه ۾ رھندا آھن ۽ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ضلعي ۾ به آھن. انھن جون گھڻيون ئي شاخون آھن، جيئن ته شيرخاناڻي، رمداڻي، لھراڻي، ڇلگري.[1]جنت السنڌ مطابق: مغلن جي دؤر کان مرين، ڊومڪين سان گڏجي ڦريون ڪندا هئا، ٽالپرن سندن سرداري قائم رکي ۽ انگريزن کين زمينون ڏنيون[2]. جمالين جي چئن پاڙن مان هئبتاڻي ۽ بخشاڻين جي سردار بخشو خان کي مير فتح علي شاهه ديره داري جو عهدو ڏنو ۽ سرڪاري دفتر ۾ سردار شمار ٿيندو هو. مير غلام علي خان کيس ديهه ڦلجي جو چوٿون حصو ڏنو[3]. مير نور محمد خان سندس جاگير ۾ اضافو ڪيو. بخشو خان 1872ع ۾ وفات ڪئي. سردار ڏاتو خان جمالي کي ديهه روپاه ۾ جاگير عنايت ڪئي ويئي. جمالي سردار بلوچي سردارن ۾ پنهنجي سادگي ڪري مشهور هئا[3].

جمالي (بلوچ)
ٻوليون

بلوچي، سنڌي، سرائڪي

مذھبَ

اسلام

لاڳاپيل نسلي گروھ

رند

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  3. 3.0 3.1 [1] ڪتاب جو نالو: سنڌ ۾ رهندڙ بلوچ قبيلا؛ مصنف: رحيمداد خان “مولائي شيدائي”؛ ايڊيشن:2012؛ ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو