جل نم (ٻيا نالا: هندي: جل نيم، بنگالي: جل براهمي، اردو: جل نم، لاطيني: Herpets Monaira) ڇٽو هڻندڙ ٻوٽو آهي. هٿ ڏيڍ يا صرف گرانٺ جيڏو ۽ پاڻيءَ جي ڪناري تي ٿئي ٿو. هن جي پنن جو ذائقو ۽ بوءِ نم جي پنن جئان ٿيندي آهي. (بنگالي ويد هن کي برهمي سمجهن ٿا، مگر اهو خيال غلط آهي.) هن جا گل، گلابي اڇا ۽ ڪارا ٿيندا آهن. هي ٻٽي قسم جو ٿئي ٿو.

طب سنواريو

مزاج: ٻئي درجي ۾ گرم خشڪ.
مقدار خوراڪ: 9 ماسا.
پيدائش: ڇانگا مانگا (لاهور جي قريب) ۽ ٻين هنڌن تي برسات ۽ گرميءَ ۾ عام ٿئي ٿو.
خاصيت: خون صاف ڪرڻ لاءِ نھايت مفيد دوا آهي. آلي، سڪي، خارش هٽائڻ ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين ڇٽائڻ جي ڪتب اچي ٿو. هن سان سوداوي ۽ بلغمي مادي جو اخراج ٿئي ٿو. منجهانئس چانديءَ جو ڪشتو بهترين نموني تيار ٿئي ٿو. ڪارن مرچن ۽ لوڻ سان گهوٽي پيارجي تہ ڇاپاڪي جو مرض ڇڏي وڃي ٿو.

جديد تحقيقات مان معلوم ٿيو آهي تہ هن ۾ هڪ تلخ جوهر موثره روغني مادو رهي ٿو. ڪاري گل وارو جل نم جنھن کي لاطيني ۾ (Lycopuseuropeaus) چيو وڃي ٿو، سو ناياب آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.