جليبي
جليبي (ٻيا نالا: عربي: زلابيه، فارسي: زيبي، هندي، اردو: حلوائي زيب، جليبی) گول چڪري دار مٺائيءَ جو قسم آهي. جليبي ميدي، گيھ ۽ کنڊ مان ٺاھي ويندي آھي.
طب
سنواريواثر: گرم تر، نقصان: ___-، ميل: کير، عيوض: ______، وزن: ٽي تولا.
خاصيت: ڪوسيون جليبيون کائڻ سان کنگهہ، کرٽئي، دمڪشيءَ ۽ زڪام کي فائدو ٿيندو، کير ۾ گڏي کائبو تہ قوت باھ ۽ مني گهاٽي ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. جليبين کي ٺاهڻ وقت تري پوءِ کنڊ جي چاش ۾ ٻوڙيندا آهن، اها چاش خاص طرح کرٽڻي جي کنگهہ ۾ روزانو ٻہ اڍائي تولا کائڻ سان فائدو ٿيندو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.