جسم مان بيڪار مادن خارج ٿيڻ جو عمل

جسم جي مختلف سرشتن ۾ ٿيڻ وارن ڪيميائي ۽ گهرڙيائي عملن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ وارن خراب ۽ نقصانڪار مرڪبن کي بيڪار مادا چئبو آهي، اهي اسان جي جسم مان هيٺين ذريعن سان خارج ٿين ٿا:

آنڊن وسيلي سنواريو

گهڻا ٺوس بيڪار مادا وڏي آنڊي مان نڪرندا آهن، کاڌي مان جسم لاءِ فائدي وارن ۽ ضروري جزن جي هضم ۽ جذب ٿيڻ کان پوءِ باقي بچيل ٺوس مادا معدي ۽ آنڊي مان ڪاڪوس جي صورت ۾ خارج ٿي ويندا آهن.

بڪين وسيلي سنواريو

گهرڙن جو زهريلو ۽ نقصانڪار مواد يوريا آهي، جيڪو هر گهرڙي مان خارج ٿيڻ کان پوءِ رت ۾ شامل ٿيندو رهندو آهي، جڏهن اهو رت بڪين مان لنگهندو آهي ته، اهي ان کي ڇاڻي وٺنديون آهن ۽ يوريا رت مان نڪري پاڻيءَ ۾ حل ٿي بڪين جي نلين مان گذرندو پيشاب جي شڪل ۾ خارج ٿي ويندو آهي، بڪيون رت مان سڀئي بيڪار مادا ڇاڻي پيشاب سان گڏ ڪڍي ڇڏينديون آهن.

کل وسيلي سنواريو

بيڪار مادن جو ڪجهه مقدار اسان جي کل وسيلي به خارج ٿئي ٿو. پگهر جا غدود جڏهن پگهر خارج ڪندا آهن ته کل ۾ موجود گهرڙن مان نڪرندڙ بيڪار مواد به پگهر ۾ حل ٿي خرج ٿي ويندو آهي. کل ۾ موجود بيڪٽيريا جي عمل سان ٿورڙي عرصي ۾ خراب بوءِ به پيدا ڪندا آهن، جيڪڏهن کل صاف، سٺي ۽ جراثيمن کان پاڪ هجي ته، پگهر ۾ وڌيڪ ڌپ بڻجي ناهي سگهندي.

ساهه وسيلي سنواريو

جسم ۾ آڪسيجن جي استعمال ٿيڻ سان جيڪا ڪاربان ڊءِ آڪسائيڊ ٺهي ٿي، اها گئس، بيڪار مادو آهي اها هر گهرڙي مان خارج ٿي وار نلين وسيلي رت تائين پهچي ٿي، جتان رت جي ڳاڙهن گهرڙن وسيلي ڦڦڙن ۾ پهچي ساهه جي عمل وسيلي خارج ٿي وڃي ٿي ۽ انهيءَ جي جاءِ تي آڪسيجن داخل ٿئي ٿي. [1] [2]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
  2. ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا