جسم جو ڪنٽرول سسٽم

انسان جي جسم ۾ ٻن قسمن جو ڪنٽرول سسٽم ڪم ڪري ٿو، جيڪي گڏيل طريقي سان اسان جي سڀني عضون جي فعلن جو ذميدار آهن، انهن مان هڪ تنتي سرشتو (Nervous system) ۽ ٻيو اندرين غدودن جو سرشتو (Hormonal system) آهي.

تنتي سرشتو

سنواريو

هي دماغ، پل مغز ۽ ان سان لاڳو سڀني تنتي نسن تي مشتمل آهي، تنتي سرشتي جا گهرڙا خاص قسم جا هوندا آهن، جن کي نيوران (Neuron) چئبو آهي، انهن ۾ تنتي تحريڪ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي، جنهن جي وسيلي اهي هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين نياپا پهچائيندا يا حاصل ڪندا آهن.

اسان جو دماغ کوپري ۾ ۽ پل مغز ڪرنگهي ۾ محفوظ آهي، ان کي تازو ۽ توانو رکڻ لاءِ انهيءَ جي چوڌاري وکن جي وچ ۾ هڪ شفاف مايو ٿيندو آهي، دماغ هڪ نرم عضوو آهي، ان جا ڪيترائي حصا هوندا آهن، جن ۾ مختلف ڪنٽرول سسٽم ترتيب سان هوندا آهن، اسان جا سڀ عمل پوءِ اهي ارادي هجن يا غير ارادي.، انهن تي ڪنٽرول دماغ جو هوندو آهي، جڏهن به اسين ڪو ڪم ڪرڻ چاهيندا آهيون ته تنتين وسيلي دماغ انهن مشڪن ۽ ٻين عضون کي پيغام پهچائي ڪم جو ڪنٽرول ڪندو آهي، جسم ۾ ٿيڻ وارن سڀني غير ارادي ڪمن ۽ اندرين عضون جي مختلف سرشتن، جهڙوڪ: ساهه کڻڻ جي سرشتي، رت جي سرشتي، هاشمي جي سرشتي وغيره جو مرڪز به دماغ ۾ هوندو آهي، ان کانسواءِ سنگهڻ ۽ ذائقي محسوس ڪرڻ جو تعلق به دماغ سان آهي. پل مغز گهڻو ڪري 45 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي ۽ دماغ ۽ جسم جي وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪندو آهي، تنتي نسن جو اسان جي جسم ۾ ڄار وڇايل آهي، اهي تنتيون جسم جي هر حصي ۽ هر عضوي تائين پيغام کڻي وڃڻ ۽ دماغ تائين پهچائڻ جو ڪم ڪن ٿيون، اهو پيغام رسائڻ جو سلسلو تنتي تحريڪ جي صورت ۾ هوندو آهي.

اندروني غدودن جو سرشتو

سنواريو

غدودن (Endocrine Glands) تي دارومدار رکي ٿو. انهن غدودن جي رس کي هارمون چئبو آهي. اهي ڪيميائي قاصدن جو ڪم ڪن ٿيون، غدود ۾ پيدا ٿيندڙ رس وار نلين وسيلي رت ۾ شامل ٿي ويندي آهي. اهڙِءَ طرح پوري جسم جو دورو ڪندي آهي، هارمونس حياتيءَ جي سڀني ڪمن ۽ روز مرهه جي ڪمن، ذهني نشونما ۽ ڄم، مطلب ته هر شيءِ کي متاثر ڪن ٿا ۽ مخصوص ڪيميائي عملن کي تيز يا سست ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح اهي مختلف عضون ۽ تاندورن جي سرگرمين کي گهٽائيندا يا وڌائيندا آهن. هارمون جو پنهنجو پنهنجو هدف هوندو آهي، جنهن جي دائري ۾ رهي، اهي مخصوص گهرڙن تي اثرانداز ٿين ٿا ۽ جسم جي عملن تي ضابطو رکن ٿا.[1]