جزائر القمر ۾ اسلام

اسلام جزائر القمر (ڪومورس ٻيٽن) ۾ غالب مذهب آهي. يو ايس اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي سال 2006ع جي تخميني مطابق، ڪوموروس جي لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو آبادي مسلمان آهي. قمر جزائر ۾ لڳ ڀڳ سڀئي مسلمان شافعي فقه سان تعلق رکندڙ سني مسلمان آهن. اڪثر پيروڪار سواحلي۔عرب آهن، پر هندستاني پڻ آهن جن مان اڪثر ڪري گجراتي نسل جا آهن.

جزائر القمر جی ھڪ مسجد