جريب زمين جي ماپ جو هڪ درجو آهي جيڪو اڌ ايڪڙ جي برابر آهي، يعني هڪ ايڪڙ ۾ ٻه جريب هوندا آهن. اهڙيءَ طرح هڪ جريب ۾ 20 گُهنٽا هوندا آهن.

جريب
ماپ جو نظام سنڌ جو رواجي ماپ جو ايڪو
يونٽ ايراضي

فارسي ٻوليءَ ۾ جريب ايڪڙ کي ئي چئبو آهي. پر سنڌيءَ ۾ هن لفظ جو استعمال اڌ ايڪڙ لاءِ ٿئي ٿو.

پراڻي سنڌي درجه بندي نظام تحت هڪ جريب 150 فوٽ کي چورس ڪرڻ سان ٺهندو هو، يعني 22,500 چورس فوٽ. هاڻوڪي جديد نظام تحت هڪ ايڪڙ 43,560 چورس فوٽن جو ٿيندو آهي، تنهنڪري هڪ جريب 21,780 چورس فوٽن جي برابر آهي.ھڪ جريب ۾ 2023.4282112 چورس ميٽر، 5 اسڪوائر چين، 2420 چورس گزن جي برابر آهي.