جذبا(انگريزي: Emotions)
انگريزي رومانوي شاعرن وليم ورڊس ورٿ (1770-1850ع) ۽ڪولرج (1772-1831ع)شاعريءَ ۾ رومانويت (Romanticism) جي حوالي سان جيڪي معيار مقرر ڪيا هئا، انهن ۾ جذبن جي اٿل کي وڏي اهميت ڏنائون، جنهن کانسواءِ شاعري ممڪن ئي ڪانهي. ورڊس ورٿ چيو هو: شاعري طاقتور جذبن مان نڪرندي آهي “Poetry is overflow of powerful feelings”- هونءَ به سموري شاعري جذبن جو اظهار هوندي آهي.[1] جذبن کي عربي۾ مشاعر سڏبو آهي ۽ پاڻ لفظ جذبو پڻ عربي ٻوليءَ مان ورتل آهي جنھن جي معنيَ ڪشش ۽ ڇڪ آهي.جڏھن ٻاھريان عمل انساني شعور کي پنھنجي اندر جذب ڪندا آهن تہ جذبا پيدا ٿيندا آهن. اھي ڪنھن بہ قائدي ۽ قانون جا پابند نہ ھوندا آھن ڇوتہ قائدن۽ قانون جو تعلق شعور سان ھوندو آھي ان جي ابتڙ جذبا ان وقت تائين ناپيد ھوندا آھن جيستائين شعور کي جذب نہ ٿا ڪن [2]

ڇھن بنيادي جذبن جا مثال

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. اردو وڪيپيڊيا https://ur.m.wikipedia.org/wiki/%D8%AC%D8%B0%D8%A8%DB%81