جدليات (Dialectical) جو متبادل لفظ يوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنٰي آهي بحث مباحثو ڪرڻ. پراڻي زماني ۾ ’جدليات‘ ان فن جو نالو هو، جنهن جي ذريعي مد مقابل جي دليلن جو تضاد ظاهر ڪري ۽ ان کي ختم ڪري حقيقت تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. ڪن فلاسافرن جو خيال هو ته حقيقت کي ڳولڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته خيالن جي تضاد کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ متضاد راين کي هڪ ٻئي سان ٽڪرايو وڃي. اهو جدلي طريقو جيڪو خيالن کي پرکڻ لاءِ استعال ٿيندو هو، جڏهن فطرت جي مظاهر کي سمجهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته فطرت ۽ ان جي مظاهر ۾ هميشه کان ٻن قوتن ۾ باهمي جدوجهد ٿيندي رهي ٿي، اهي ٻه قوتون: ٿيسز (Thesis) ۽ ان جي مخالف ’ائنٽي ٿيسز‘(Anti-thesis) جي نالي سان سڏجن ٿيون . انهن ٻنهي قوتن جي ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ هڪ ٽين طاقت ظاهر ٿئي ٿي، جنهن کي ’سن ٿيسز‘ (Syn thesis) چئجي ٿو. جا ڪجهه عرصي بعد ٿيسز (Thesis) بڻجي، پنهنجي مخالف قوت ( Anti thesis) پيدا ڪريو وٺي ۽ اهڙيءَ طرح هي ٻه قوتون مسلسل عمل ڪنديون رهن ٿيون . انهن جي عمل ڪري هن ڪائنات ۾ ۽ انساني شعور ۾ تغير ، تبديلي ۽ ترقي ٿيندي رهي ٿي.[1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي