جبيرو(انگريزي: Orthopedic cast ) ڪاٺي جي ھڪ خاص استعمال جو نالو آهي. اصل ۾ اھو ھر ان ڪاٺي کي چوندا آهن جيڪا ڀڳل ھڏي کي جوڙڻ لاء ٻڌي ويندي آهي[1]. اسلامي شريعت ۾ وضو جي مسئلن ۾ جبيرو مان مراد اھو پلستر جيڪو ھڏي کي جوڙڻ لاء چاڙھيو ويندو آهي ۽ زخم جي پٽي، پھو وغيره[1]. جيڪڏهن جبيرو ڪنھن اھڙي عضوي تي آهي جنھن جو ڌوئڻ وضو ۾ فرض آهي تہ جبيرو ھجڻ جي صورت ۾ جبيري تي آلو ھٿ گھمائڻ يعني صرف مسح ڪري ڇڏڻ ڪافي آھي[1].

پير تي چاڙھيل گھمڻ ۾ مددگار جبيرو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 40