جبلت (Instinct) جبلت هڪ اهڙي صلاحيت آهي، جنهن لاءِ سکيا يا تعليم جو هجڻ ضروري نه آهي. اها صلاحيت ڪنهن به فرد سان گڏوگڏ پيدا ٿيندي آهي مثال طور هڪ نئين ڄاول ٻار کي ماءُ جو کير پيئڻ جي صلاحيت سکيا سان نه پر، جبلي صلاحيت سان موجود هوندي آهي.[1]

ڪڪڙ پنھنجي ٻچي کي پنھنجي پرن ۾ لڪائيندي آهي جيڪا ان جي جبلت آھي
ڪتو پاڻيءَ ۾ پسڻ کان پوءِ پنھنجي جسم کي لوڏائي پنھنجي بج جو پاڻي سڪائيندو آھي.اھو ان جو جبلتي عمل ھوندو آھي.

ھر اھو عمل جيڪو تجربي ۽ سکيا کانسواءِ ٿئي ۽ جنھن ۾ اندروني بائيلاجيڪل فئيڪٽر شامل ھجي ان کي جبلت چيو ويندو آهي. ڪمي جا ٻچا ڪناري تي انڊن مان ڦٽڻ کان پوءِ سڌا سمنڊ جو رخ ڪندا آهن انھن جو اھو عمل (behavior) جبلت ھوندو آھي. جانورن جو پاڻ ۾ وڙهڻ، لڳ ڪرڻ، پکين جو آکيرا ٺاھڻ جبلت سڏبو آهي جيڪي ڄائي ڄم کان جاندارن ۾ موجود ھونديون آھن.جبلتي عمل ۾ اختيار جي غير موجودگيءَ جو مطلب اهو ناھي ته انسان يا جانور مقرر جبلتي ترتيبن کي بدلائڻ کان لاچار آهي. مثلاً: انسان چاھي تہ ڪنھن بہ مقرر جبلتي ترتيب کي شعوري طور تي سمجھندي ان جي اڀرڻ کان اڳ بدلائي سگھي ٿو.ان لاءِ کيس رڳو جبلت کي اڀرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ئي درڪار ھوندي آھي.جانورن ۾ جيڪڏهن جبلت جاڳي پئي تہ اھي مقرر جبلتي ترتيب تبديل نہ ٿا ڪري سگهن پر جي تمام گھڻي اختياري گنجائش موجود آهي تہ پوءِ اھو ممڪن آهي.[2] جاندارن ۾ جبلتن جو ڪردار عمل جي تعين واري حساب سان ھڪ جنس کان ٻي جنس تائين ساڳيو نہ ھوندو آھي. جاندارن جو اعصابي سرشتو (neural system) جيترو وڌيڪ پيچيده ھوندو آھي اوترو ان جي ميڄالي يا دماغ جو ٻاھريون حصو (cerebral cortex) ۽ معاشرتي تربيت وڌيڪ ڪردار ادا ڪندي آھي ۽ جبلتي ڪردار گھٽجي ويندو آهي.

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. Lorenz, Konrad (1977). Behind the Mirror: A Search for a Natural History of Human Knowledge. New York: Harcourt Brace Jovanovich. ISBN 0-15-111699-7.