جبت(انگريزي: Superstition) عربي ٻولي جو لفظ آهي جنھن جو ذڪر سوره النساء جي آيت نمبر 51 ۾ ھيٺين طرح ڪيو ويو آهي:

أَلَمْ تَرَ إِلَى الَّذِينَ أُوتُوا نَصِيبًا مِنَ الْكِتَابِ يُؤْمِنُونَ بِالْجِبْتِ وَالطَّاغُوتِ وَيَقُولُونَ لِلَّذِينَ كَفَرُوا هَٰؤُلَاءِ أَهْدَىٰ مِنَ الَّذِينَ آمَنُوا سَبِيلًا

— النساء: 51
ترجمو:(اي پيغمبر!) اُنھن ڏانھن نہ ڏٺو اٿئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان ڀاڱو ڏنو ويو تہ اُھي ۽ انھن جو حال اھو آھي تہ جبت ۽ طاغوت کي مڃيندا آھن ۽ ڪافرن لاءِ چوندا آھن تہ ھيءَ ٽولي مؤمنن کان وڌيڪ سنئين واٽ واري آھي، سوره النساء: 51

جبت جي اصل معنيَ آهي بي حقيقت، بي اصل ۽ بي فائده چيز. اسلام مطابق جادو، ڪاھنيت يا جوتش، فالگيري، ٽوڻا ڦيڻا، شگن، مھورت ۽ سموريون وھمي ۽ خيالي ڳالهيون جبت آهن[1]. حديث ۾ آيو آھي تہ جانورن جي آوازن مان فال وٺڻ، زمين تي جانورن جي پيرن جي نشانن مان شگن ڪڍڻ، فالگيري جا ٻيا طريقا سڀ جبت جي مفھوم ۾ اچن ٿا[1]. ان کي وھم سڏيندا آهن[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :359,360