جاڙي جبل واري جنگ (Jarray Jabal Wari Jang) سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي. جاڙو جبل اَڄ به ڪڇ (Kuchh) جي علائقي ۾ موجود آهي. هيءَ جنگ 1763ع ۾ ڪَڇ جي علائقي ۾، راڻي راءِ لاکي ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وچم ۾ لڳي هئي. هن جنگ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ستر هزار لشڪر سان راءِ لاکيءَ سان مقابلي لاءِ ڪڇ آيو هو، هن جنگ ۾ راءِ لاکيءَ جي، لشڪر جي، جاڙي جبل تي موجود توبخاني ۾ مان هڪ توب اوچتو ڦاٽي پوڻ سبب راءِ لاکيءَ جا ڪيترائي اهم لشڪري مارجي ويا، نتيجي ۾ لشڪرين ۾ ڦوٽ پئجي وئي. نيٺ راءِ لاکيءَ آڻ مڃيندي، پنهنجي ڀيڻ ميان غلام شاهه کي نڪاح ۾ ڏيڻ تي راضي ٿي وئي. هن جنگ ۾ مير بهرام خان ٽالپر ڏاڍي بهادري سان وڙهيو، جنهن جي نتيجي ۾ راءِ لاکيءَ جي لشڪر جا ڪيترائي سردار مارجي ويا. راءِ لاکيءَ جي آڻ مڃڻ کان پوءِِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو 2 رجب 1176ھ/ 17 جنوري 1763ع تي واپس پنهنجي تخت گاهه ڏانهن موٽي آيو. [1]