جان محمد ميمڻ (Jan Muhammad A. Memon) هڪ طبي ماهر آهي. هن پهرين مئي 1949ع تي جنم ورتو ۽ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول جي تعليم ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪئي، ان بعد ايم بي بي ايس ان وقت جي لياقت ميڊيڪل ڪالج، ڄامشورو (هاڻي لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز) مان سرجري ۾ امتياز سان ڪيائين. ان کان پوء هن رائل ڪالج آف سرجنز، برطانيه ۾ ايف آر سي ايس جو اعزاز حاصل ڪيو. هو 1979ع ۾ پاڪستان موٽي آيو ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آف سرجري طور شامل ٿيو.

ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) پاڪستان جو باني وائيس چانسلر هو.

مختصر ڪيريئر جي تاريخ

سنواريو
  • باني ۽ پرنسپل، انڊس ميڊيڪل ڪالج، ٽنڊو محمد خان
  • سيڪريٽري ڪالج آف فزيشيئنز اينڊ سرجنز پاڪستان (CPSP)، رجسٽرار ڪالج آف فزيشيئنز اينڊ سرجنز پاڪستان (CPSP) ۽ ايڊوائيزر اڪيڊمڪس، سال 2009ع ۽ 2011ع جي وچ ۾
  • باني وائيس چانسلر لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS)، 2001ع کان 2007ع * پرنسپل ۽ چيئرمين اڪيڊمڪ ڪائونسل لياقت ميڊيڪل ڪالج (LMC) 1996ع کان 2001ع
  • ڊين فيڪلٽي آف ميڊيسن اينڊ هيلٿ سائنسز، سنڌ يونيورسٽي، 1996ع کان 2001ع
  • سرجري جو پروفيسر - 1979 کان 2009 تائين. * برطانيه جي مختلف اسپتالن ۾ رجسٽرار ۽ سينئر ريزيڊنٽ، 1973ع کان 1979ع

پڻ ڏسو

سنواريو