جالنڌر
جالنڌر (انگريزي ٻولي: Jalandhar) يا جلنڌر، هندستان جي رياست پنجاب جو هڪ قديم شهر آهي.[4]
جالنڌر ਜਲੰਧਰ (Punjabi) Jullundur | |
---|---|
شھر | |
پشپا گجرال سائنسي شھر، ڪبورٿالا روڊ، جالنڌر[1] | |
عرفيت: JUC, JRC | |
ملڪ | انڊيا |
رياست | پنجاب |
ضلعو | جالنڌر ضلعو |
حڪومت | |
• ڪمشنر | [2] |
• ميئر | Jyoti[3] |
پکيڙ | |
• ڪل | 3,401 ڪ.م2 (1,313 ميل2) |
بلندي | 228 ميل (748 ft) |
آبادي (2011) | |
• ڪل | 862,196 |
تاريخ
سنواريوستين صدي عيسويءَ ۾ هيءَ هڪ راجپوت بادشاهت جي گاديءَ جو هنڌ هو.[4]
اھميت
سنواريوجالنڌر پنجاب رياست جو ٽيون سڀ کان وڏو شهر ۽ ريل جي اهم جنڪشن آهي. ڀرپاسي جي زرعي علائقن جون شيون هن شهر ۾ خريد ۽ وڪرو ڪيون وينديون آهن. جالنڌر جي ڀرپاسي ڪيترائي ڳوٺ ڏاکڻي پاسي وڏي ڇانوڻي کانسواءِ اوڀر ۾ 9 ميل پري هڪ ائير فيلڊ به آهي. شهر جا تيرهن ڪاليج گرو نانڪ يونيورسٽي سان ڳنڍيل آهن. ضلعي جالنڌر ستلج درياهه جي اتر ۾ 31396 چورس ڪلوميٽر علائقي تي مشتمل آهي. مڪئي، ڪڻڪ، وونئڻ، ڪمند ۽ چڻا هتان جا اهم فصل آهن.[4]
حوالا
سنواريو- ↑ India, Pushpa Gujral Science city Kapurthala,. "Welcome to Pushpa Gujral Science City".
- ↑ "Municipal Corporation Jalandhar".
- ↑ http://www.mcjalandhar.in/mayor-message.html/
- ↑ 4.0 4.1 4.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.