جالق (انگريزي: Jaleq or Jalaq) ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان جو ھڪ ننڍڙو شھر آھي جيڪو گلشن شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي[2]. پاڪستاني سرحد جي ويجھو آباد ھن شھر جا اڪثر رھواسي بلوچ آھن ۽ بلوچي ٻولي ڳالھائين ٿا[3]. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 18،098 آھي. ھن شھر جو پراڻو نالو گلشن ھو. ھن شھر جي اوڀر ۾ پاڪسنان، اولھ ۾ سردشت، ڏکڻ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ سراوان ۽ اتر اولھ ۾ خاش ۽ ميرجاوھ موجود آھن[4].

Jaleq
جالق
شھر
Jaleq is located in Iran
Jaleq
Jaleq
جاگرافي بيهڪ: 27°35′33″N 62°41′28″E / 27.59250°N 62.69111°E / 27.59250; 62.69111مڪانيت: 27°35′33″N 62°41′28″E / 27.59250°N 62.69111°E / 27.59250; 62.69111
ملڪ  ايران
صوبو ساستان ۽ بلوچستان صوبو
شھرستان گلشن
ضلعو مرڪزي
آبادي (2016ع واري آدمشماري)
 • ڪل 18,098 [1]

جالق سيستان ۽ بلوچستان صوبي جو ھڪ خوبصورت ماڳ آھي ۽ ھن جي پسگردائيءَ ۾ موجود اٺ آبي نالا ھن شھر جي خوبصورتيءَ کي چار چنڊ لڳائين ٿا[5].

قاجار بادشاھت واري زماني ۾ ھتي سردار ھندو ۽ سردار يار احمد جي پٽن جي وچ ۾ ھڪ خونريز جنگ لڳي ھئي جنھن ۾ سردار ھندو ۽ سندس گھرواري قتل ٿي ويا. سردار يار احمد جي پٽن ھتان جي قلعي تي قبضو ڪري ورتو[5]. ھن شھر ۾ ڪيترائي تاريخي يادگارموجود آھن جن ۾ ھيٺيان وڌيڪ مشھور آھن[4]:

  • شيشہ ريز قلعو
  • جبل تي تعمير ٿيل گنبند
  • داد محمد جو قولع
  • سردار شير محمد جو قلعو
  • سرڪوھ قلعو
  • اللّٰہ اڪبر جبل
  • شھر جا پراڻا کنڊر

حوالا سنواريو

  1. "Statistical Center of Iran > Home". 
  2. "Jaleq". Google Arts & Culture (ٻولي ۾ Dutch). حاصل ڪيل 2022-02-07. 
  3. "Jaleq". Academic Dictionaries and Encyclopedias. حاصل ڪيل 2022-02-07. 
  4. 4.0 4.1 "جالق". Iran Attractions Inform (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-07. 
  5. 5.0 5.1 "ایران شناسی (425): جالق (مرکز شهرستان گلشن)". طرفداری (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-07.