جارج برڪلي

اينگلو-آئرش فلاسافر

جارج برڪلي(انگريزي: George Berkeley) /ˈbɑrkli/ ;[4][5] (12 مارچ 1685 ۾ ڄائو ۽ 14 جنوري 1753 م وفات ڪيائين) ڪلوئن جي بشپ ھجڻ ڪري اڪثر بشپ برڪلي جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. فلسفي ھيو ۽ امٽيريل ازم(انگريزي: immaterialism) جو نظريو پيش ڪيو ھئائين جنھن کي بعد ۾ داخلي عينيت(انگريزي: subjective idealism) جو نالو ڏنو ويو

جارج برڪلي
1727 ۾ جان سميبرٽ پاران ٺاھيل برڪلي جو پورٽريٽ
پيدائش12 مارچ 1685(1685-03-12)
ڪائونٽي ڪلڪيني, آئرلينڊ
وفات14 جنوري 1753(1753-01-14) (aged 67)
آڪسفورڊ, انگلينڊ
قوميتآئرش
مادر علميٽرنيٽي ڪاليج، ڊبلن
عهدارڙھين صديءَ جو فلسفو
علائقومغربي فلسفو
مڪتبه فڪرداخلي عينيت (مظھريت(انگريزي: phenomenonalism))
تجربيت(انگريزي: Empiricism)
بنيادپرستي[1]
تصوريت(انگريزي: Conceptualism)[2]
انڊائريڪٽ ريئلزم [3]
شعبه عمل
عيسائيت, مابعدالطبعيات, epistemology, ٻولي , رياضي , ادراڪ
اهم نظريا
داخلي عينيت , مرڪزي تڪرار , پريوري ۽ پوسٽيريوري ۾ فرق
Signature



ييل جي برڪلي ڪاليج


آئرلينڊ ۾ ڪلڪيني (Kilkenny) لڳ هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو.[6]جارج برڪلي ڊيڪارٽ کان پوءِ واري دؤر جو يورپ جي جديد فلسفي جو ھڪ وڏو مفڪر ھيو ۽ ريني ڊيڪارٽ ۽ جان لاڪ جي فلسفي جو نقاد ھيو. ھن فلسفياڻي عينيت(انگريزي: idealism) کي فروغ ڏنو ۽ ان جو دفاع ڪيو. ھن اھو خيال ڏنو تہ رڳو ذھن ۽ خيال حقيقت آھن. ھن جي خيال کان امونيل ڪانٽ ۽ ڊيوڊ ھيومز ڪافي متاثر ٿيا.15 سالن جي عمر ۾، ڪلڪيني ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري، ھي ڊبلن جي ٽرنيٽي ڪاليج ۾ داخل ٿيو. 1707 ۾ ٽرنيٽي ڪاليج جو فيلو(انگريزي: fellow) ٿيو جلد ئي اينگليڪن چرچ ۾ منصب سان نوازيو ويو. ٽرنيٽي ڪاليج ۾ ھن جو عينيت وارو فلسفو ظاهر ٿيڻ لڳو جنھن ۾ ھن ڊيڪارٽ، جان لاڪ، نڪولس ميلبرانچ، آئزڪ نيوٽن ۽ ٿامس ھوبس جي تعليم جو جواب ڏنو[7]..

ذاتي زندگيسنواريو

زندگي جي ٽيھن واري ڏھاڪي م ھي چار سال يورپ گھميو ٽرنيٽي م ھن جي نالي ٿيڻ سان کيس 1724 م ڊين آف ڊيري طور مقرري ٿي. ان عرصي دؤران ھن برموڊا ۾ ڪاليج جي قيام لاءِ تياري ورتي.1728 ۾ پنھنجي نئين ڪنوار ائن فارسٽر کي ساڻ ڪري آمريڪا جي رياست رھوڊ آئلينڊ جي شھر نيوپورٽ روانو ٿيو جتي ھي نئين منصوبي لاء برٽش پارليامينٽ طرفان فنڊ ملڻ جي اوسيئڙي ۾ رھيو پر کيس پيسا نہ مليا ۽ 1731 م کيس واپس موٽي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. 1734 ۾ ھن جي ڪلوئن ۾ بطور بشپ مقرري ٿي اھڙي طرح ھي آئرلينڊ موٽي آيو جتي ھن پنھنجو آخري ڪتاب:Siris لکيو.[7][8]

فلسفوسنواريو

هن پنهنجي فلسفي جو آغاز لاڪ جي نظرين تي تنقيد سان ڪيو. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن تجربو اسان جي علم جو بنياد آهي، ته پوءِ ان جو مطلب ٿيندو “To be is to be perceived” يعني ”ڪنهن شيءِ جي وجود جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته اسان کي ان جو ادراڪ ٿي رهيو آهي يا نه“. ٻين لفظن ۾ هن اهو چوڻ ٿي چاهيو ته مادي جو جدا ڪو وجود ڪونهي ۽ مادو اسان جي شعور يا ذهن جو مرهون منت آهي. جڏهن ته برڪلي شين جي الڳ وجود جو انڪار ڪونه ڪيو آهي، هڪ لحاظ کان هو شين جي وجود جو قائل آهي، پر انهن جي مادي وجود کي نٿو مڃي. هو صاف صاف چوي ٿو ته انهن جي وجود جو دارومدار اسان جي ذهن يا شعور تي آهي؛ يعني جيستائين ڪو ذهن شيءِ جو ادراڪ ڪري رهيو آهي، تيستائين اهي شيون موجود آهن. ليڪن پوءِ سوال پيدا ٿو ٿئي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪمري ۾ ماڻهو موجود نه آهي ته ڇا ان ڪمري ۾ رکيل سڀ شيون غائب ٿي وينديون. ان جي جواب ۾ برڪلي جو چوڻ آهي ته خدا جي ذهن ۾ مادي جو وجود قائم رهي ٿو، تنهنڪري اهي مادي شيون اتي موجود آهن. اهڙيءَ طرح برڪلي ماديت جي پنهنجي ليکي وجود واري تصور کي رد ڪري، موضوعي تصوريت يا داخلي آدرشيت (Subjective idealism) جو بنياد رکي ٿو.[6]

وفاتسنواريو

هن 14 جنوري 1753ع تي آڪسفورڊ، انگلنڊ ۾ وفات ڪئي.[6]1753 م آڪسفورڊ ۾ پنھنجي ٽن پٽن مان ھڪ پٽ جارج جي تعليم خاطر منتقل ٿيڻ بعد جلد ئي وفات ڪري ويو[7]

حوالاسنواريو

  1. Fumerton, Richard. "Foundationalist Theories of Epistemic Justification". Stanford Encyclopedia of Philosophy. حاصل ڪيل August 19, 2018. 
  2. David Bostock, Philosophy of Mathematics: An Introduction, Wiley-Blackwell, 2009, p. 43: "All of Descartes, Locke, Berkeley, and Hume supposed that mathematics is a theory of our ideas, but none of them offered any argument for this conceptualist claim, and apparently took it to be uncontroversial."
  3. The Problem of Perception (Stanford Encyclopedia of Philosophy): "Paraphrasing David Hume (1739...; see also Locke 1690, Berkeley 1710, Russell 1912): nothing is ever directly present to the mind in perception except perceptual appearances."
  4. Watson, Richard A. (1993–94). "Berkeley Is Pronounced Barclay". Berkeley Newsletter (13): 1–3. http://people.hsc.edu/berkeleystudies/past_issues_pdf/no13-1993-94.pdf. Retrieved 8 November 2010. 
  5. "Berkeley" entry in Collins English Dictionary.
  6. 6.0 6.1 6.2 برڪلي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال 2012ع
  7. 7.0 7.1 7.2 Encyclopedia of Time (Science, Philosophy, Theology, & Culture) By: H. James Birx Editor Canisius College State University of New York at Geneseo Buffalo Museum of Science-- SAGE Publications Ltd. 1 Oliver’s Yard 55 City Road London EC1Y 1SP United Kingdom--page no:86
  8. Jessop, T. E. (1973). A bibliography of George Berkeley. The Hague, Netherlands: M. Nijhoff.