هن لوڪ ناٽڪ جو گھڻي ڀاڱي بنگال ۾ رواج آهي. هي سنسڪرت جي لفظ (شبد) ياترا مان نڪتل آهي، جنهن جي معني آهي مسافري. هن ۾ لوڪ فنڪار ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر وڃي پنهنجو فن ڏيکاريندا آهن. جاترا ناٽڪ ۾ جيڪي سين مزاح، پيار ۽ محبت سان ڀرپور هوندا آهن، انهن کي شانگ سڏيو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾، سنڌ ۾، خاص طور تي لاڙڪاڻي واري پاسي برادرين جي خوشين يا شادين وغيره جي موقعن تي اهڙن ناٽڪن جو رواج هو، جنهن کي سانگ چوندا هئا. جنهن جو ذڪر، سنڌ ۾ انگريزن جي دور جي هڪ نقاد رچرڊ ايف برٽن (Richard Francis Burton) پنهنجي ڪتاب سنڌ ريوزيٽيڊ (Sindh Revisited) ۾ به ڪيو آهي. جاترا ناٽڪ جا به ڪيترائي قسم آهن. مثال طور: جھمر، پنچالي، ڪٿا ڪلتا، ڪيرتن، ڪابيگان وغيره. 1757ع ۾، بنگال ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني (East India Company) جي اچڻ کانپوءِ، جاترا ناٽڪ ۾ گهڻيو ئي موضوعاتي ۽ هئيتي تبديليون اچي چڪيون آهن. هاڻي ته جاترا ناٽڪ ۾ سماجي مسئلا، قومي مسئلا ۽ سياست جھڙا موضوع پڻ شامل ٿي ويا آهن. اڄ به بنگال، بهار، آسام، اوڙيسا ،تريپوره ۾ جاترا ناٽڪ ڪرڻ وارن فنڪارن جا جٿا هڪ نگري کان ٻي نگر تائين هلندا ۽ پنهنجو فن ڏيکاريندا رهن ٿا.

حوالو ڏسندا سنواريو

[1][2]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي ڊرامون | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-10-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-11 
  2. ماهتاب (منظور ڪوهيار) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-11