جائوتري

گلن جي ٻوٽن جو ھڪ قسم


جائوتري(انگريزي: Mace) جيڪي ميرسٽيڪيچيئاء(انگريزي: Myristicaceae) جي ٻوٽي جي مختلف قسمن جي ٻجن جي کل جو نالو آھن جيڪا کاڌن ۾ خوشبو ۽ ذائقي لاء مصالحي طور استعمال ٿيندي آهي. ٻين ٻولين ۾ ان جا نالا: ،(عربي: بسباسه)،(فارسي: بزباز)، (ھندي:جاؤتري، چارگون ۽ هوسيا) آھن. انھن جو ٻوٽو گلن واري ٻوٽن جي خاندان سان تعلق رکندڙ آهي جيڪو آفريڪا، ايشيا، پيسيفڪ ٻيٽن ۽ آمريڪا ۾ پيدا ٿيندڙ آھي [2]

جائوتري
مائريسٽيڪا فريگرينس

(جائفل), Koehler (1887)

سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): [[ٻوٽو]]
نسلي شاخ

See text

تفصيلي تعارف سنواريو

ان جو شمار ڪڏهن ڪڏهن جعفر يا جائفل جي خاندان يانٽميگ خاندان (انگريزي: nutmeg family) ۾ ٿيندو آهي. انھن ٻوٽن جي مشھور جنس ايشيا ۾ ميريسٽيڪا آھي ۽ ان خاندان جو مشھور مصالحو جائفل(انگريزي: nutmeg) ۽ جائتري يا جائوتري جي سڪل کل(انگريزي: mace) آھن جيڪي ايشيا کنڊ ۾ ڪثرت سان ٿيندا آهن. ميرسٽيڪيچيئاء خاندان جون 11 شاخون ۽ 520 جنسون آهن. [3]

جائوتري

جائوتري ھڪ مصالحو آھي جيڪو جعفر يا جائفل جي ڳاڙهي ٻج جي کل ھوندو آھي. ان جو ذائقو جائفل جھڙو پر ان کان وڌيڪَ مزيدار ھوندو آھي اھو پچائڻ وارين شين، گوشت ، مڇي ، ڀاڄين ۽ کٽاڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي.جائوتري ٺاھڻ لاء جعفر يا جائفل جي کل لاھي 10 کان 14 ڏينھن سڪائبو آھي. سڪڻ سان ان جي رنگ تبديل ٿي پيلاڻ مائل يا نارنگي ٿي ويندو آهي. سڪل کلون کنھريون، لسيون ۽ ڀرندڙ ھونديون آھن. اھي 40 ملي ميٽر يا 1.6 انچ تائين ڊگھيون ٿينديون آھن.[4]


ھارسفيلڊيا ڪنگياء جا ميوا
ڪنيما گلوبورايا جا ميوا
ھارسفيلڊيا ايمگڊہلينا جا ٻج


هيءَ جعفر جي کل آهي، جنهن ۾ جعفر ڍڪيل رهندو آهي، ڳاڙهاڻ تي مائل هيڊي رنگ جي، ذائقي ۾ تمام تيز ٿيندي آهي[5].

طبي خاصيت سنواريو

دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ آهي، معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿي، وات ۾ خوشبوءِ پيدا ڪري ٿي، مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿي، وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي، پيشابن جي گهڻائي، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت، مثاني ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي. نزلي کي خشڪ ڪري ٿي[5].

حوالا سنواريو

  1. Angiosperm Phylogeny Group (2009). "An update of the Angiosperm Phylogeny Group classification for the orders and families of flowering plants: APG III" (PDF). Botanical Journal of the Linnean Society 161 (2): 105–121. doi:10.1111/j.1095-8339.2009.00996.x. http://onlinelibrary.wiley.com/doi/10.1046/j.1095-8339.2003.t01-1-00158.x/pdf. Retrieved 2013-07-06. 
  2. Bingtao Li and Thomas K. Wilson, "Myristicaceae", Flora of China online 
  3. CHRISTENHUSZ, MAARTEN J.M.; BYNG, JAMES W. (2016-05-20). "The number of known plants species in the world and its annual increase". Phytotaxa 261 (3): 201. doi:10.11646/phytotaxa.261.3.1. ISSN 1179-3163. https://dx.doi.org/10.11646/phytotaxa.261.3.1. 
  4. "Mace spice". Encyclopædia Britannica Online. 
  5. 5.0 5.1 ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو