جئانگسو(انگريزي: Jiangsu )About this sound 江苏 (پھرين رومن ۾ ان لاء لفظ ڪيئانگسو (انگريزي: Kiangsu) استعمال ٿيو بعد ۾ رومن ۾ جئانگسو ٿيو) عوامي جمهوريه چين جي ھڪ اوڀر واري ساحلي صوبي جو نالو آهي. اھو چين جي ماليات، تعليم، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ھر اول صوبو آهي. ان جي گادي جو هنڌ نانجنگ آھي پر ھن صوبي جو وڏي ۾ وڏو شھر سوجو آھي. جئانگسو پکيڙ ۾ چين جو ٽيون نمبر ننڍي ۾ ننڍو صوبو پر آبادي ۾ پنجون وڏو صوبو آھي ۽ سڀ کان وڏو گھاٽي آبادي وارو صوبو آهي. ھي صوبو گوئينگڊانگ کان پوءِ جي ڊي پي ۾ چين جو ٻيون نمبر وڏو صوبو آھي[4]. جئانگسو جي اتر ۾ شئنڊانگ، اولھ ۾اينھئي، ڏکڻ ۾ ججيئانگ ۽ شنگھائي ميونسپلٽي واقع آهن. ھن صوبي جي ساحلي پٽي جي ڊيگھ 1٬000 ڪلوميٽر (620 mi) آھي. يانگزي ندي ۽ پيلي ندي ھن صوبي جي ڏاکڻي حصي مان گذرن ٿا. ھي علائقو سوئي گھراڻي ۽ تانگ گھراڻي جي دؤر کان چين جو معاشي ۽ واپاري مرڪز رھيو آھي ان جو ھڪ سبب گرينڊ ڪينال، چين جي تعمير پڻ آهي. ھن صوبي جا شھر نانجنگ، سوجو،ووشي،چنگجو ۽ شنگھائي (جيڪو 1927ع ۾ جئانگسو کان الڳ ڪيو ويو) سڀ معاشي مرڪز ھيا. 1990ع ۾ معاشي سڌارن شروع ٿيڻ کان وٺي جئانگسو معاشي ترقيءَ جو مرڪزي مقام بڻجي ويو. ان جو شمار چين جي سڀ کان وڌيڪَ ترقي يافته صوبن منجھ ٿي ويو[3]. جئانگسو دنيا ۾ اليڪٽرانڪ سامان، ڪيميڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي چوٽي وارن برآمد ڪندڙن جو ديس آهي[5]. 2006 کان پوءِ چين ۾ پرڏيهي سيڙپ سڀ کان گھڻي ھن صوبي ۾ ٿي آھي. 2018ع ۾ ھن صوبي جي ناليوار جي ڊي پي 1.39 ٽرلين آمريڪي ڊالر ھئي.

جئانگسو صوبو
Jiangsu
چيني صوبو
مٿان کان هيٺ، کاٻي کان ساڄي: نانجنگ ۾ زيفينگ ٽاور, سُوجَو ۾ جوجئانگ, ٽائيگر ھل پگوڊا, شوجو وارو ٽي وي ٽاور, سن يات سين جو مقبرو
Map showing the location of Jiangsu Province
نقشي ۾ جئانگسو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 32°54′N 119°48′E / 32.9°N 119.8°E / 32.9; 119.8مڪانيت: 32°54′N 119°48′E / 32.9°N 119.8°E / 32.9; 119.8
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو جئانگ – جئانگجنگ (ھاڻي: نانجنگ)
سوسوجو
گادي جو هنڌ نانجنگ
وڏي ۾ وڏو شھر سوجو
انتظامي ورهاست 13 پريفيڪچر، 106 ڪائونٽيون، 1488 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري لو چنجيان
 • صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين لُو چِنجِيان
 • گورنر وو جينگلانگ
 • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين ھوئانگ لشين
پکيڙ
 • ڪل 102,600 ڪ.م2 (39,600 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 25ھون وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (يونتائي جبل) 625 ميل (2,051 ft)
آبادي (2018)[1]
 • ڪل 80,400,000
 •  ڪاٿو

  2019

80,700,000
جئانگسو
"جئانگسو" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
آسان چیني 江苏
روایتي چیني 江蘇
لغوي معنیٰ "جئانگ(ننگ) ۽ سو(جو)"

حوالا سنواريو

  1. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. وقت 27 July 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. (ٻولي ۾ Chinese). Jiangsu Bureau of Statistics https://web.archive.org/web/20190126164441/http://www.jiangsu.gov.cn/art/2018/2/26/art_34153_7495309.html. وقت 2019-01-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2019-01-26.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  3. 3.0 3.1 "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  4. 赵婷婷. "Top 10 regions with highest GDP in China[2]- Chinadaily.com.cn". ChinaDaily.com.cn. وقت 28 October 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 January 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "China provinces 'to be bigger than Russia'". FT.com. وقت 6 April 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 January 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)