ثريا شھاب (انگريزي: Surraya Shahab، وفات 13 سيپٽمبر 2019ع) پاڪستان جي نالي واري نيوز ڪاسٽر (خبرون پڙھندڙ) ۽ براڊڪاسٽر ھئي. ھوءَ ريڊيو پاڪستان جي اوائلي خبرون پڙھندڙ عورتن مان ھڪ ھئي. ھن جي خبرن پڙھڻ جو انداز سڄي ملڪ ۾ مشھور ھو.

ثريا شھاب صحافت ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي ھئي. ھوءَ ريڊيو پاڪستان تي 1960ع واري ڏھاڪي ۾ متعارف ٿي.[1] بعد ۾ ھوءَ ايران ھلي وئي جتي ريڊيو ايران زاھدان جي اردو سروس تان پروگرام ڪرڻ لڳي. سندس پروگرام ايران توڙي پاڪستان ۾ ڪافي شوق سان ٻڌا ويندا ھئا. ھوءَ لڳ ڀڳ 10 سال ايران ۾ رھڻ کان پوءِ 1973ع ۾ پاڪستان موٽي آئي ۽ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي خبرون پڙھڻ لڳي. 1984ع ۾ ھوءَ برطانيہ جي بي بي سي لنڊن جي اردو سروس سان سلھاڙجي وئي. 1990ع واري ڏھاڪي جي آخري سالن ۾ ھن وائيس آف جرمنيءَ لاءِ پڻ ڪم ڪيو[2].

ھن کي اردو ادب ۽ شاعريءَ سان خاص لڳاءُ ھو[3] ۽ عمر جي آخري حصي ۾ ھن شاعريءَ جو ھڪ ڪتاب بہ لکڻ شروع ڪيو ھو پر کيس ڪينسر جي بيماري ٿي پئي ان ڪري اھو ڪتاب پورو نہ ڪري سگھي. آخرڪار 13 سيپٽمبر 2019ع تي 78 سالن جي ڄمار ۾ دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين.[4] کيس اسلام آباد جي ھڪ مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو. ھن ٻہ پٽ ۽ ھڪ ڌيءَ سوڳوار ڇڏيا.[5]

حوالا سنواريو

  1. "Yesteryear's iconic newscaster Suraiya Shahab reaches a tragic end". www.thenews.com.pk. حاصل ڪيل 2019-11-16. 
  2. Yasin, Aamir. "Broadcaster Surraya Shahab dies". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-11-16. 
  3. "آواز کی دنیا کے ساتھیو ! ثریا شہاب نہیں رہیں‌۔۔ ماہ پارہ صفدر -". حاصل ڪيل 2019-11-16. 
  4. "Pakistani Artists -". pakmag.net. حاصل ڪيل 2019-11-16. 
  5. Hamadani, Safdar; admin. "Surraya shahab died in Islamabad , Sajid Mansoor Qaisrani | Aalmi Akhbar". حاصل ڪيل 2019-11-16.