قرآن شريف ۾ آهي ته:

لَقَد خَلَقۡنَا الۡاِنۡسَانَ فِیۡ کَبَدٍ (البلد: 6)

”ته بيشڪ اسان انسان کي تڪليف ۾ (پوڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي.“


اهڙيءَ ريت ٻئي هنڌ الله تعاليٰ آدم جي اولاد بابت اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو ته:


بَعۡضُکُمۡ لِبَعۡضٍ عَدُوٌّ (البقره: 36)

”اوهان هڪٻئي جا دشمن ٿيندؤ.“


قرآن جي ان بيان مان خبر پوي ٿي ته تڪليف (Suffering) دنيا جو هڪ لازمي حصو آهي. اهو پاڻ فطرت جي خالق جو مقرر ڪيل نظام آهي. انهيِءَ ڪري ان کي ختم ڪرڻ، ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. [1] [2]

  1. انسانيت جي تعمير (مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-13 
  2. ڪتاب: انسانيت جي تعمير ، مولانا وحيد الدين خان