تڪرار جي حل بابت هاڪاري ورتاءُ

تڪرار جي حل بابت هاڪاري ورتاءُ يا ڪانفلڪٽ ٽرانسفارميشن (Conflict Transformation) سرچاءَ جو هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ذريعي خوني تڪرارن جو حل پرامن طريقن سان ڳولڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ تڪراري ڌُرين وچ ۾ ڏي-وٺ جي بُنياد تي، هڪٻئي ڏانهن دُشمني ختم ڪرڻ لاءِ ماحول ٺهي ٿو. هن عمل ذريعي، تڪرار هيٺ آيل ڌُرين کي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار ڪرڻ، سندن ترجيحن کي تبديل ڪرڻ ۽ جنگ ۽ جنوني ورتائڻ کي مصالحتي ورتائن ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. ان سان گڏ ٻنهي ڌُرين جي دلچسپيءَ وارن معاملن کي وڌيڪ اُڀاري، کين هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ جاکوڙيو ويندو آهي ۽ سندن وچ ۾ مُخالفت ۽ دُشمنيءَ بدران دوستيءَ ۽ سهڪار وارا لاڙا پيدا ڪيا ويندا آهن. بين الاقوامي برادريءَ جي مُختلف عنصرن وچ ۾ تڪرار جڏهن منجهيل صورتحال اختيار ڪندو آهي، ته اُن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪن غيرجانبدار ڌُرين طرفان ڪوششون ٿينديون آهن. خراب ٿيل صورتحال جي حل، اُن جي نوعيت کي سمجهڻ، تڪراري ڌُرين جي هڪٻئي بابت جُڙيل تاثر جو اندازو لڳائڻ، تبديل ٿيل لاڳاپن جي مزاج کي سمجهڻ ۽ سماجي تاڃي پيٽي کي نظر ۾ رکي سفارتي ۽ سياسي عمل ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائيءَ جو سبب بڻجندو آهي. ڇاڪاڻ ته، جڏهن جهيڙي جي پسمنظر ۽ پيش منظر کان مڪمل آگاهي ملي ٿي، ته ٿيندڙ ڪوششون ڦلدائڪ بڻجن ٿيون ۽ ڪن مُناسب حلن تائين پهچڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. دُنيا ۾ جيڪي ڌُريون تڪرارن جو ويڙهه کان پاڪ حل ڳولڻ گهُرن ٿيون، تن لاءِ هر معاملي ۾ خون خوار طريقن بدران هاڪاري ۽ پر امن طريقن سان اڳڀرائي ڪرڻ لازمي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد