تقطيع __(Taqtee’a):


”تقطيع“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو بنياد يا اشتقاق آهي، قَطعَ=وڍڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ. ”تقطيع“ جي لفظي معنيٰ ٿيندي ”وڍيل“ يا ”ٽڪرا ٽڪرا ڪيل“. اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪنهن شعر جي مصرعن ۾ ڪم آندل لفظن کي، مقرر بحر وزن جي ارڪانن ۾ توري، کين جدا جدا ڪري بيهارڻ کي ”تقطيع“ چئبو آهي. شعر جي بحر جا اهي ارڪان، خود لفظن آهن ۽ ڪن آوازن (اُچارن) جا ٺهيل آهن. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي