تعجيل وراثت (Acceleration of succession) وراثت ۾ عجلت يا تڪڙ. اسلامي وراثت جي قانون ۾ وارث جو ھڪ اھڙو عمل جيڪو وراثت جي لاءِ تڪڙ وارو ھجي ان کي ناپسنديده قرار ڏنو ويو آهي. تعجيل وراثت ۾ وارث مورث کي قتل ڪندو يا ڪرائي ڇڏيندو آهي تہ جيئن ورثو يا ترڪو جلدي ان کي ملي سگھي. اسلام ۾ وارث جي ان قدم کي وراثت کان محرومي جو ھڪ سبب قرار ڏنو ويو آهي. نبي سڳوري صه جن جو فرمان آهي تہ:"لا وراثنه لقاتل" يعني مورث جي قاتل لاءِ ڪو ترڪو ڪانھي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: قانوني لغت؛ مرتب: جسٽس ڊاڪٽر تنزيل الرحمان؛ ايڊيشن:2013؛ پي.ايل.ڊي. پبلشرز، لاھور