تعبير جي غلطي (اردو: تعبیر کی غلطی)، وحيدالدين خان پاران 1963ع ۾ ابوالاعليٰ مودودي جي ڪتاب قرآن جون چار بنيادي اصطلاحون (اردو: قرآن کے چار بنیادی اصول) جي جواب ۾ ۽ مودودي پاران ڪيل اسلام جي سياسي تشريح جي تنقيد تي ٻڌل ڪتاب آھي. ھن ڪتاب سبب ئي وحيدالدين خان کي جماعت اسلامي مان خارج ڪيو ويو ھو.

تعبیر کی غلطی
مصنف وحيدالدين خان
ملڪ ڀارت
ٻولي اردو
صنف مذھب
ڇاپي جي تاريخ 1963ع
شايع ڪندڙ گوڊ ورڊس بڪس، ڀارت
صفحا 344

پسمنظر

سنواريو

تعبير جي غلطي 1963ع ۾ شايع ٿي جڏهن ڪتاب جو مصنف 38 سالن جو هو ۽ گذريل 15 سالن کان جماعت اسلامي جو رڪن ھو. ڪتاب جو شروعاتي حصو 1959ع کان 1962ع تائين پارٽيءَ جي سينيئر ميمبرن، يعني صدرالدين اصلاحي، جليل احسن ندوي ۽ ابو العليس اصلاحي سان ٿيل ڊگھي گفتگو ۽ خط و ڪتابت تي مشتمل آهي، جتي مصنف سندن تنقيدي سوالن تي بحث ڪيو آهي. ان کان پوءِ 1962 ۽ 63ع ۾ ھن پارٽيءَ جي باني ابوالاعليٰ مودودي سان خط و ڪتابت ڪئي ته سندس شڪن جا جواب ڏجن. مودودي جو جواب هو:[1]

"... توهان جي ڳالهہ ٻولهہ جو طريقو ظاهر ڪري ٿو تہ جيڪو توهان جي نقطي نظر کي قبول نٿو ڪري، اهو جاهل ۽ اڻڄاڻ آهي ۽ ائين لڳي رھيو آھي تہ توهان تمام اعلي مقام کان ڳالهائي رهيا آهيو. لڳي ٿو تہ توهان اڳ ۾ ئي پنهنجو ذهن ٺاهي ڇڏيو آهي ته توهان جيڪو لکيو آهي اهو حرف آخر آهي. اهڙي صورتحال ۾ منهنجي راءِ غير ضروري آهي. مذهب جي درست تشريح جيڪا توھان سمجھو پيا ان کي فروغ ڏيڻ لاءِ توھان آزاد آھيو."(تعبير جي غلطي، صفحو 112 کان 136 تائين)

ڪجهه خط و ڪتابت کان پوءِ، مودودي مصنف سان وڌيڪ بحث ڪرڻ کان انڪار ڪيو. آخرڪار وحيدالدين خان آگسٽ 1963ع ۾ پنهنجو تنقيدي ڪتاب شايع ڪيو.[1][2]