تراويح جي نماز: حنفي مذھب ۾ رمضان جي مهيني ۾ تراويح جي نماز مرد ۽ عورت ٻنھي لاء سنت مؤڪدہ آھي[1]. البته مردن لاءِ تراويح جي جماعت بہ سنت آھي. ھن نماز ۾ ويھ رڪعتون ٿينديون آهن[1]. اھل حديث واري مذھب ۾ اٺ رڪعتون پڙهيون وينديون آهن[1]. حضرت عمر رضه ويھ رڪعتون جماعت سان پڙھڻ جو نظم قائم ڪيو ۽ پوء بعد وارن خلفاء راشدين بہ ويھ رڪعتون پڙهيون[1]. تراويح نماز ۾ ٻن رڪعتن نماز تراويح سنت جي نيت ٻڌي نماز ساڳي طريقي سان ادا ڪبي آهي پر ھر چئن رڪعتن کان پوء چئن رڪعتن جي ادائگي جيترو وقت ويھي پوءِ وري وڌيڪ ٻن رڪعتن جي نماز شروع ڪبي آهي. ھن نماز جو وقت سومھڻي جي نماز کان بعد فجر کان پھريان تائين ھوندو آھي[1]. حديث ۾ تراويح جي نماز جي وڏي فضيلت بيان ڪيل آهي. نبي ﷺ جن جو ارشاد آهي ته:

"جنھن ايماني حالت ۽ رڳو آخرت جي اجر لاء رمضان جي راتين ۾ تراويح پڙھي، الله تعالي ان جا سمورا ڏوھ بخشي ڇڏيندو جيڪي ان ڪيا آهن "

— بخاري - مسلم، [1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 197