تحت اللفظ (Verbatim) حرف بحرف پڙهڻ يا حرف بہ حرف ترجمو ڪرڻ. شعر يا مرثيي کي سُر سان نہ پر لفظي طرح لس پڙهڻ جي حالت. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ معياري سنڌي صورتخطي ٺھڻ کان اڳ آخوند عزيز الله ميمڻ (1746-1872ع) قرآن پاڪ جو تحت اللفظ ترجمو ڪيو. ھي ترجمو پراڻي عربي سنڌي آئيويٽا ۾ آھي، پر عربي-سنڌي رسم الخط جي لحاظ کان بنيادي حيثيت رکي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.