تجنيس خط، ڪلام ۾ اهڙا لفظ آڻڻ، جيڪي صورت ۾ هڪجهڙا هجن، مگر انهن جي نقطن ۾ فرق هجي. ٻين لفظن ۾ ائين چئبو تہ ساڳئي آواز سان شروع ٿيندڙ لفظ هڪٻئي جي ڀرسان رکڻ. شاھ جو سڄو رسالو انهيءَ صنعت سان سينگاريل آهي.مثال: دهشت، دم، درياھ ۾، جت، لڙ، لهريون، لس ليٽ. (شاھ) هن مصرع جي پهرئين اڌ وارا لفظ ”د“ سان شروع ٿين ٿا؛ اهڙيءَ طرح ٻئي اڌ ۾ ”ل“ سان شروع ٿيندڙ لفظ هڪ ٻئي جي ڀرسان رکيا ويا آهن.) [1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.